پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي) پيرڳوٺ ڀرسان قاضي باغ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن سڳن نوجوان ڀائرن انيس احمد، امجد علي ولد مرحوم گل محمد راهوجو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مقتولن لاش پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن لاش سندن ڳوٺ مگرجي آندا ويا ته گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي. ان سلسلي ۾ مقتول ڀائرن جي وارثن منور راهوجو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته برادري جي ماڻهن سان ڪجهه سالن کان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، ڪجهه ڏينهن اڳ هوُ گهر به خالي ڪري ويا هئا، جن اڄ حملو ڪري ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي قاتلن کي گرفتاري ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف پيرڳوٺ پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول ڀائرن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا آهن، شروعاتي رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو .