لاهور(بيورو) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز زميندارن لاءِ ڪڻڪ جي امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت زميندارن کي آبياني ۽ فڪسڊ ٽيڪس ۾ رعايت ڏني وئي آهي، جڏهن ته پنج لک پنجاهه هزار کان وڌيڪ هارين لاءِ سڌي ريت ڪڻڪ سپورٽ فنڊ تحت 15 ارب رپين جي فنڊ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي، هن چيو ته مان زميندار جو نقصان ٿيڻ نه ڏينديس، جيڪڏهن آبادگار ڪڻڪ پوکي آهي ته ان کي پورو معاوضو ڏنو ويندو، اهي اسان جا ڀائر آهن، اسين هر وقت انهن سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين.