ڪئنالن خلاف سنڌ ترقي پسند جو ڌرڻو، جسقم جون بک هڙتالون

ڪراچي/ حيدرآباد(نمائندا) سنڌو درياھ مان 6 نوان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، دادو  ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران انڊس هاءِ وي تي ٻرڙا شاخ وٽ سخت گرمي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد شاميانه هڻي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب  مسافر گاڏيون ۽ ٻي ٽريفڪ معطل  ٿي وئي ، ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، پير گمبل شاھ، سيد منظور شاھ، امام الدين پنهور، سڄڻ مگسي ۽ ٻين چيو ته اسان پنهنجا سر قربان ڪري سگهون ٿا پر سنڌو درياھ مان هڪ ڪئنال ته ڇا پر پاڻي جو ھڪ  ڦڙو کڻڻ نه ڏينداسين، رياست ڏاڍ جبر ڪري هڪ صوبي کي ٻي صوبي سان وڙهائي رهي آهي، اڳئي بلوچستان ان رويي خلاف سالن کان احتجاج ڪري پيو وري هاڻ سنڌ ۽ ڪي پي ڪي سان ساڳيو ظلم ڪيو پيو وڃي، هي ڪئنال نه پر سنڌ صوبي کي قبرستان بنائڻ جو منصوبو آهي ان ڪري ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، سکر ۾ جسقم بشير خان قريشي ۽ جساف پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي علامتي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي جساف جي مرڪزي اڳواڻن عبدالستار زنگيجو، عرفان ملڪ، طارق احمد گھمرو ڪئي، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي سنڌ جو پاڻي سنڌ کي واپس ڏيو ڪئنالن جي اڏاوت بند ڪريو ۽ اسان کي پاڻي ڏيو، زندگي ڏيو جا نعرا لکيل هئا، اڳواڻن چيو ته درياهه سنڌ تي نوان ڪئنال اڏڻ جو منصوبو سنڌ دشمني آهي، جنهن جو اصل مقصد سنڌ جي پاڻيءَ کي ٻين صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي، سجاول ۾ جسقم پاران پبلڪ پارڪ ۾ علامتي هڙتالي ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ محمد خان پٺاڻ، منظور ميمڻ، ايوب کوسو، شاھجان لغاري، ممتاز ساند، اياز لغاري، حاجي جلالاڻي، شوڪت سومرو، نظير لغاري، دائود امر سميت سياسي ۽ سماجي، پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، سيري ۾ جسقم ضلعي حيدرآباد پاران سيري اسٽاپ تي علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، جنھن جي اڳواڻي لياقت ملاح، صوفي شاھجھان ملاح، اي بي سنڌي، اي ڊي پنھور، ڊاڪٽر رياض سولنگي، شھباز سھتو، سمير حاجاڻو، معظم نظاماڻي، سيف الله نظاماڻي، دلشاد نظاماڻي سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ميرپورخاص ۾  پريس ڪلب اڳيان نور محمد مري، لالا اظھر پٺاڻ، منور سمون ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.