لاهور( بيورو+م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 20 اپريل تي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو مارچ ڪيو ويندو، 22 اپريل تي سڄي پاڪستان ۾ هڙتال ڪئي ويندي، هو دنيا جي اسلامي ۽ انساني حقن جي تنظيمن سان رابطي ۾ آهي، کيس يقين آهي ته عالمي سطح تي ساڳئي ڏينهن تي هڪ گڏيل احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته مان پاڪستان سميت سڀني اسلامي ملڪن جي حڪمرانن کي چوان ٿو ته آمريڪا کان نه ڊڄن، ملڪ جي حڪمران ۽ مخالف پارٽين جي اڳواڻن کي ٽرمپ کي خوش ڪرڻ لاءِ قطار ۾ نه بيهڻ گهرجي، اسان قوم کي اپيل ڪريون ٿا ته اسرائيل کي فائدو ڏيندڙ سڀني شين جو بائيڪاٽ ڪن، اسان ڄاڻون ٿا ته ملڪ ۾ صورتحال مشڪل آهي، عوام مهانگائي جي عذاب ۾ مبتلا آهي، پر اهو اسان جو مذهبي ۽ اخلاقي فرض آهي ته اسان غزا ۾ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ آواز بلند ڪريون، سڄي خيبرپختونخواهه ۽ اتر پنجاب کي اسلام آباد مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي.