اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پيٽروليم شيون سستيون ٿي رهيون آهن، اسان ان جو فائدو عوام تائين نه پهچائينداسين، پر ان بچت سان ڪڇي ڪئنال جي فيز ٽو جي اڏاوت ۽ بلوچستان ۾ موٽر وي طرز جا هاءِ وي ٺاهينداسين، ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته اسان گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي، قلات، خضدار، ڪوئٽا، چمن وارو روڊ جنهن کي خوني روڊ چيو وڃي ٿو، اهو سنگل روڊ آهي، پر فنڊز کان سواءِ مڪمل نه ٿي سگهندو، هي روڊ لڳ ڀڳ 2 هزار ماڻهن جون جانيون ڳڙڪائي چڪو آهي، سياسي ۽ سماجي لحاظ سان به ڏٺو وڃي ته بلوچستان جا ماڻهو ڏسن پيا ته مردان کان سکر تائين موٽر وي ٺهي ويو، جنهن تي ڪيترائي سئو ارب رپيا لڳي چڪا آهن، پر اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو اسان وٽ اهڙو ڪو روڊ ئي ناهي؟ بلوچستان جي عوام کي اهو احساس ٿئي ته اسان لاءِ به ڪو سوچي رهيو آهي، وفاق، سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخوا اسان لاءِ سوچي رهيا آهن، هي رقم اين-25 تي خرچ ڪئي ويندي، جيڪو هڪ شاندار ۽ اعليٰ معيار وارو روڊ هوندو، اسان پاڻ بيهي ان کي ٺاهينداسين، ۽ جيڪڏهن بلوچستان خوشحال ٿيندو ته سڄو پاڪستان خوشحال ٿيندو، وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا کان سکر تائين بهترين موٽر ويز ٺهيو آهي ۽ هاڻ سکر، حيدرآباد، ڪراچي تائين موٽر وي ٺاهڻ جي تياري ٿي رهي آهي، ايم 6 ۽ ايم 9 سيڙپڪاري سان ٺاهيا ويندا، جيڪي وفاق پاڻ شفاف طريقي سان تعمير ڪندو،