عمرڪوٽ تڪ جا اميدوار ڪئنالن خلاف ڳالھائڻ لاءِ تيار ناهن: ڊي ايس ايف

حيدرآباد (پ ر) ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پنهنجي پريس پڌرائي ۾ مرحوم محمد يوسف ٽالپر جي خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي سيٽ تي 17 تاريخ تي ٿيندڙ ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ تڪ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته جيئن ته ٻئي مک اميدوار ڪئنال منصوبن خلاف ڳالھائڻ لاءِ تيار ناهن نه وري ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف ڳالهائين ٿا، نه وري مخصوص ڪيل زمين جا نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن، ان ڪري ٻنهي اهم اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ بدران، ووٽ جي پرچي تي  پين سان واضح اکرن ۾  ” ڪئنال نه کپن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور نامنظور ” جا نعرا لکي احتجاج رڪارڊ ڪرائين، ڊي ايس ايف، سنڌ جي سڀني شاگردن ۽ ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف جدوجهد جاري رکندڙ سڀني وطن دوست قوتن کي به اپيل ڪئي آهي ته اهي به ان سلسلي ۾ تڪ جي ووٽرن سان رابطا ڪري ان مهم کي ڪامياب بنائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.