پيڪا ايڪٽ ۽ اي ڊي شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين جا مظاهرا

ڪراچي / حيدرآباد/ سکر (نمائندا) پيڪا ايڪٽ، آزاد ڄمون ڪشمير جي صحافين تي داخل ڪيسن، گرفتارين ۽ شهيد اي ڊي شر جي قاتلن ۽ سهولتڪارن جي گرفتاري لاءِ صحافين پاران سڄي سنڌ جي صحافين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي سموري ملڪ جيان حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو، مظاھري جي اڳواڻي پي ايف يو جي، جي ايف اي سي جي ميمبر اقبال ملاح ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر وسيم خان ڪئي، مظاھرو ڪندڙ صحافين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊز کنيل ھئا ۽ ھو اظھار راءِ جي آزادي تي بندشن خلاف سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا، ان موقعي تي اقبال ملاح، وسيم خان، جاني خاصخيلي ۽ تنوير آرائين ميڊيا سانڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ ظاھري طرح جمھوريت آھي پر فيصلا آمراڻي طرز جا ٿي رھيا آھن، پيڪا ايڪٽ آڻي ملڪ ۾ اظھار راءِ جي آزادي کسي وئي آھي، صحافي ۽ شھري ھن قانون جي نتيجي ۾ ڳالھائڻ لکڻ ۽ سوچڻ جي آزادي وڃائي ويٺا آھن اھي سڀ ڪم پارليامينٽ ھوندي ٿي رھيا آھن اسين اھڙي ڪاري قانون کي نه ٿا مڃون، ھنن گھر ڪئي ته پيڪا ايڪٽ  جو خاتمو آندو وڃي ۽ آزاد ڪشمير حڪومت طرفان روزانو ڄمون ڪشمير اخبار مٿان داخل ڪيس ختم ڪري صحافين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي، نوابشاهه ۾ شهيد بينظير آباد يونين آف جرنلسٽس طرفان صدر منظور ٻگهيو، جنرل سيڪريٽري امتياز علي ڪيريو، خزانچي غلام نبي ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شيراز چوڪ نوابشاھ تي احتجاج ڪيو ويو، جنهن کي سينيئر صحافي منٺار ڏاهري، رضوان ٿيٻو، اي ڊي منگي، شبير راجپوت ۽ ٻين به خطاب ڪيو، احتجاج ۾ قاسم جاني ٻگهيو، اعظم راول، اصغر لاکو، مور چانڊيو، عابد ڀٽي، فيض فريد کوکر، اياز ٻگهيو، شادي خان مري، رياض ملاح، وسيم مساوا، ليکڪ ۽ اديب اسلم لغاري، سماجي اڳواڻ امجد علي بروهي، شمس الدين هوت، عبدالسميع ٻگهيو ۽ ٻيا موجود هئا، ٺٽي ۾ ايڇ يو جي يونٽ صدر منصور جلالاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج ۾ خدا بخش بروھي، ڊاڪٽر شاھد صديقي، اسماعيل ميمڻ، شبير ڀٽي، ڀورو سرڪي، رحمت الله ڇٽو، محمد ايوب ملاح، حاجن سولنگي، زوھير علي، عبدالعزيز جوڳي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڪاري قانون کي رد ڪيو، ڌاٻيجي ۾ مقصود جوکيو، امين فاروقي، گھارو ۾ ذوالفقار خاصخيلي، رشيد پنھور ۽  جنگشاھي ۾ عبدالرحيم جوکيو، غلام حسين شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرا  ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.