جڏهن به سنڌ جي خوشحال ۽ معدني وسيلن سان مالامال ضلعي جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اتي ٽنڊوالهيار ضلعي جو نالو به اچي ٿو، پر بدقسمتي جي چئجي يا چونڊيل نمائندن جي بي حسي جو انهيءَ خوشحال ضلعي جي تعلقي چمبڙ جا روڊ رستا تباهه ۽ برباد بڻيل آهن، ڪيترن ئي سالن کان انهن روڊن رستن جو ڪم ناهي ٿيو، ۽ نه ئي وري ڪي نوان روڊ ٺهيا آهن، ۽ جيڪي ڪجهه ڪلوميٽر روڊ ٺهيا آهن انهن ۾ به ناقص مٽيريل جو استعمال ڪيو ويو جنهن سبب ڪجهه ئي عرصي اندر اهي به تباهه ٿي ويا، چمبڙ تعلقو معدني وسيلن سان مالال آهي، هن تعلقي جي مختلف يوسين ۾ تيل ۽ گئس جا ڪيترائي ذخيره موجود آهن جتان هر روز ڪروڙين روپين جو تيل ۽ گئس ڪڍيو ويندو آهي، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته تيل ۽ گئس ڪمپنين موجب اسين اها رائلٽي باقائده ضلعي انتظاميا کي ڏيندا آهيون جيڪا ڪروڙين روپيا ٿئي ٿي، هڪ ٻي ضروري ڳالهه به ٻڌائيندي هلان ته ضلعي انتظاميا اهي پئسا اڪيلي سر نٿي ڪڍرائي سگهي، ڇو ته انهيءَ لاءِ هڪ ڪميٽي هوندي آهي جنهن ۾ حد جو ايم پي اي، ايم اين اي ۽ ٻيا شامل آهن ۽ اها ڪميٽي اهو فيصلو ڪندي آهي ته اها رائلٽي ڪٿي خرچ ڪجي، پر انهيءَ رائلٽي مان چمبڙ ۾ ڪڏهن به ۽ ڪو به ڪم ناهي ٿيو.
اوهان جڏهن سموري تعلقي تي نظر ڦيرائيندا ته خبر پوندي ته چمبڙ شهر کان سوين ڳوٺن ڏي ويندڙ روڊن جي حالت خراب آهي، روڊن ۾ کڏا پئجي چڪا آهن جنهن ڪري 10 منٽن جي سفر ۾ اڌڪلاڪ لڳيو وڃي جيئن چمبڙ کان گلاب لغاري ڏانهن ويندڙ روڊ جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان تباهه حال بڻيل آهن، جڳهه جڳهه تي روڊ ۾ کڏا آهن جنهن سبب 10 ڪلوميٽر سفر ڪرڻ ۾ به 25 کان 30 منٽ لڳيو وڃن، چمبڙ جي ڳوٺ علي خان لغاري جو روڊ جيڪو گلاب لغاري کان صابن دستي ڏي ويندڙ روڊ کان نڪرندو آهي اهو به جيئن ٺهيو آهي ان جي مرمت ناهي ٿي، پهاڙ لغاري اسٽاپ کان لڙهه جي سوين ڳوٺن ڏي ويندڙ روڊ جي ڪنڊيشن اها آهي جو انهي پندرنهن ڪلوميٽر روڊ جي تعميرات جو ڪروڙين روپين جو ٽينڊر به جاري ٿيو پر روڊ ٺهيو ست کان اٺ ڪلوميٽر، باقي روڊ اڃان تائين تعمير ناهي ٿيو، رهواسين خاص ڪري بيمار مريضن ۽ ڊليوري وغيره لاءِ ويندڙ عورتن کي سخت تڪليف آهي،ڪافي دفعا ائين به ٿيو آهي جو روڊ خراب هئڻ ڪري ايمرجنسي ۾ اسپتال تائين پهچڻ کان اڳ مريض فوت ٿيو وڃن، ٻئي طرف ڳوٺ نصيرخان لغاري ڏانهن ويندڙ روڊ جي به ساڳي ڪنڊيشن آهي، تازو ئي چمبڙ جي ڳوٺن مولوي پير محمد چانڊيو، ڳوٺ عبدالڪريم لغاري، حافظ عمر کي روڊ مليو آهي پر ان روڊ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي، ائين اهڙا سوين ڳوٺ آهن جن ۾ موجود روڊن جي حالت خراب آهي، چمبڙ جي سڀ کان وڏي يوسي داد خان جروار آهي ۽ چمبڙ کان شيخ ڀرڪيو ڏانهن ويندڙ روڊ مان چمبڙ جي مختلف ڳوٺن کي شهر سان ملائڻ لاءِ جڙيل شاهه درگاهه جي ڀرسان هڪ روڊ نڪرندو آهي روڊ جو ته صرف نالو آهي مرمت نه ٿيڻ سبب روڊ جا پٿر اکڙي ويا آهن، روڊ بلڪل تباهه ٿي ويو آهي پر چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي انهي تي نظر ناهي پئجي سگهي، سڀ کان افسوسناڪ ڳالهه اها آهي جو چمبڙ کان ٽنڊوالهيار ويندڙ مين روڊ تي عالماڻي باغ جي ويجهو سومار دل ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن روڊ نڪرندو آهي پر روڊ موڙ تي اسپيڊ بريڪر نه هئڻ سبب حادثا معمول بڻيل آهن، ڳوٺ کان روڊ تي ماڻهو جيئن چڙهندا آهن ته مين روڊ تان تيزرفتار ايندڙ گاڏي کين ٽڪر هڻي چٿي اڳتي نڪري ويندي آهي،۽ ان موڙ وٽ ڪيترائي حادثا ٿي چڪا آهن جن ۾ نوجوان پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
شهرين روڊ ٺهڻ نه خلاف ڪافي احتجاج به ڪيا آهن پر ٿيندو ائين ئي آهي ته ”رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا“ اميد آهي ته هر اليڪشن ۾ روڊ ٺهرائڻ جا واعدا ڪندڙ چونڊيل نمائنده عوام جي تڪليفن کي سمجهندا ۽ روڊن جي تعمير ڪرائيندا، جيڪڏهن انهن ائين نه ڪيو ته پوءِ وري به اليڪشنون آهن ۽ هيئنر عوام ۾ به ڏاڍي ڪاوڙ آهي۔
چمبڙ تعلقو معدني وسيلن سان مالال آهي، هن تعلقي جي مختلف يوسين ۾ تيل ۽ گئس جا ڪيترائي ذخيره موجود آهن جتان هر روز ڪروڙين روپين جو تيل ۽ گئس ڪڍيو ويندو آهي، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته تيل ۽ گئس ڪمپنين موجب اسين اها رائلٽي باقائده ضلعي انتظاميا کي ڏيندا آهيون جيڪا ڪروڙين روپيا ٿئي ٿي، هڪ ٻي ضروري ڳالهه به ٻڌائيندي هلان ته ضلعي انتظاميا اهي پئسا اڪيلي سر نٿي ڪڍرائي سگهي، ڇو ته انهيءَ لاءِ هڪ ڪميٽي هوندي آهي جنهن ۾ حد جو ايم پي اي، ايم اين اي ۽ ٻيا شامل آهن ۽ اها ڪميٽي اهو فيصلو ڪندي آهي ته اها رائلٽي ڪٿي خرچ ڪجي، پر انهيءَ رائلٽي مان چمبڙ ۾ ڪڏهن به ۽ ڪو به ڪم ناهي ٿيو.