منشيات- انساني سماج جو خاموش قاتل\سھانجڙو, سنڌ جي سرسبزيءَ جو امڪان، پر حڪومت خاموش ڇو؟

منشيات…اهو لفظ پاڻ ۾ ئي تباهي، بربادي، ۽ بيحسي جو آواز آهي. اڄ جو انسان ترقيءَ جا خواب ته ڏسي رهيو آهي، پر انهن خوابن جي هيٺان هڪ اهڙو ناسور پلجي رهيو آهي، جيڪو اسان جي نوجوان نسل کي اندر ئي اندر ڳڙي رهيو آهي–اها بلا آهي منشيات. سنڌ جي مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ بستين، خاص طور تي ڪلار درگاهه، تلھار، ماتلي، بدين ۽ ٻين پسگردائي علائقن ۾، جتي نه روزگار آهي، نه تعليم، نه رهنمائي–اتي نوجوان آسانيءَ سان منشيات جي ور چڙهندا پيا وڃن. هن وقت نشو واپرائڻ صرف فطري غلطي نه، پر سماجي مجبوري بڻجي چڪو آهي.

 اڄ جي بازار ۾ منشيات ڪيترن روپن ۾ موجود آهن: چرس، گٽڪو، سفينا، پان پراگ، آفيم، هيروين، برائون شوگر، آئيس، ۽ انجڪشن ذريعي نشي جو استعمال، روزمرهه جي ڳالهه بڻجي ويو آهي. شروعات دوستن جي اثر هيٺ ٿئي ٿي، پر پڄاڻي قبر تائين وڃي ٿي. منشيات نه رڳو جسماني، پر ذهني تباهيءَ جو به سامان آھن. دل جي ڌڙڪن، دماغ جي بيماري، معدي جي بگڙجڻ، چمڙي جي سوڪهه، اکين جي روشني وڃائڻ–هي سڀ منشيات جا تحفا آهن. ذهني طور ماڻهو مايوسي، بيچيني، ۽ زندگيءَ کان نفرت جو شڪار ٿي پوي ٿو. منشيات صرف ذاتي مسئلو نه آهي، هي سڄي سماج لاءِ زهر آهي. هڪ منشيات واپرائيندڙ ماڻهو: تعليم کان پري ٿي وڃي ٿو، گهر جي امن کي برباد ڪري ٿو، پنهنجن والدين، ڀائرن، ڀينرن جي اکين مان بي اعتمادي جو پاڻي وهائي ڇڏي ٿو، چوري، ڌاڙا، ۽ جرمن جي راهه تي هلي ٿو.

 پاڪستان ۾ "نارڪوٽڪس ايڪٽ” موجود آهي، پر قانون صرف ڪتابن تائين محدود آهي. منشيات وڪرو ڪندڙ ماڻهو آسانيءَ سان آزاديءَ سان گهمن پيا. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪيترين ئي هنڌن تي پوليس جي خاموشي، انهن ناسورن لاءِ تحفظ بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن اسين هن مسئلي کي روڪڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان سڀني کي پنهنجو حصو وجهڻو پوندو. تعليم ۽ شعور وڌايو، والدين پنهنجن ٻارن سان وقت گذارين، مدرسا، مسجد، اسڪول، ميڊيا منشيات خلاف آواز اٿارين، سماجي ادارا، NGOز منشيات ڇڏائڻ جا مفت مرڪز هلائن، ۽ هر ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪري. جيڪڏهن اڄ به خاموش رهياسين ته سڀاڻي اسان جي هٿن مان نسل نڪري ويندي. اچو ته هڪ آواز ٿي منشيات خلاف بيهون. اچو ته اُهو سماج ٺاهيون، جتي نوجوان ڪتاب سان، نه ڪرسٽل سان؛ قلم سان، نه سرنج سان؛ ۽ خوابن سان، نه آلاسن سان جڙيل هجن.

اعجاز علي ملاح،/تلھار

سنڌ، جيڪا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، اڄ به زرخيزيءَ جي لحاظ کان اهم مقام رکي ٿي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪيترن ئي امڪاني وسيلن کي فعال ڪرڻ ۾ سرڪاري سطح تي سنجيدگيءَ جي کوٽ نظر اچي ٿي. اهڙو هڪ اهم مثال آهي، فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي زمين آهي جيڪا سوين ايڪڙن تي پکڙيل آهي، جتي وڻ ڪاري ذريعي سرسبزي ۽ خوشحاليءَ جي راهه هموار ڪري سگهجي ٿي.دنيا جا ماهر انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته مورنگا (سھانجڙو) هڪ انتهائي ڪارآمد وڻ آهي. هن وڻ جي پنن، ڦرن، ڇال ۽ جڙن مان غذائيت، دوا، ۽ ماحول جي بهتري لاءِ بي مثال فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. اهو نه رڳو انساني صحت لاءِ مفيد آهي، پر موسمي تبديلي، زمين جي سڌاري ۽ ماحولياتي توازن لاءِ پڻ اهم حيثيت رکي ٿو.افسوس ته جڏهن سڄي دنيا مورنگا جي پوکيءَ کي ترجيح ڏئي رهي آهي، تڏهن سنڌ ۾ اڃا تائين سرڪاري سطح تي هن سلسلي ۾ ڪا واضع پاليسي يا اپاءُ سامهون نه آيو آهي.سماجي ادارا، ميڊيا، ۽ باشعور شهرين جا بار بار مطالبا آهن ته:فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي زمين تان غيرقانوني قبضا ختم ڪيا وڃن؛  انهن زمينن تي مورنگا، نيم، زيتون ۽ ٻين فائديمند وڻن جي پوک ڪئي وڃي؛  سنڌ کي سائو ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي.اڄ جي دور ۾، جتي موسمي شدت، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ماحولياتي بحران وڏو چئلينج بڻجي چڪا آهن، اتي سرڪاري زمينن کي استعمال ڪري، منظم شجرڪاريءَ ذريعي رڳو ماحول کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، پر مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا به پيدا ڪري سگهجن ٿا.

اسان جي گذارش آهي ته، حڪومت هڪ واضح ۽ عملدرآمد لائق شجرڪاري ايڪشن پلان جو اعلان ڪري ماجي ادارن، اسڪولن، ڪاليجن، ۽ مقامي برادرين کي ڀائيوار بڻائي؛  نوجوانن کي "سھانجڙو تحريڪ” جو حصو بڻايو وڃي ۽ ماحول دوست قدم کڻي سنڌ جي زمينن کي سرسبز بڻائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت، خاص ڪري ماحوليات، زراعت، ۽ فاريسٽ جا لاڳاپيل ادارا، هن اهم معاملي تي ڌيان ڏين، ته سنڌ نه فقط سائي ٿي سگهي ٿي، پر خوشحال به.سنڌ جي سرسبزي لاءِ، سھانجڙو جي پوکيءَ کي هڪ تحريڪ بڻايو وڃي.

رياض پيرزادو/ ڪراچي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.