پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کھڙو به اڄ ڪلهه جارحاڻا نعرا ٿو ھڻائي، وري پيپلز پارٽيءَ جو وزير اعليٰٰ سنڌ مراد علي شاھ نعرا ٿو ھڻائي ته، "ڪينال سمورا نامنظور” ۽ ھاڻي وري صدر زرداريءَ جي ڀيڻ ادي فريال ٽالپور به ڪئنالن جي خلاف جدوجھد جو علم بلند ڪندي چوي ٿي ته، "پيپلزپارٽي جا ورڪر ڪئنال ٺاھڻ ڪونه ڏيندا”
سو انھن سڀني مھربانن جي يادداشت لاءِ آسان سنڌي ۾ صدر زرداريءَ جي گرين پاڪستان انيشيٽو جي گڏجاڻي جا فيصلا ھڪ ڀيرو وري آڏو رکجن ٿا جيڪي سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ ڪينالن خلاف تحريڪ جي آگاھي مھم جو آغاز ڪندي 16 سيپٽمبر 2024ع تي سوشل ميڊيا ذريعي سنڌ جي ساڃاھ وندن ۽ عوام آڏو پيش ڪيا ھيا.انھن فيصلن ۾ واضح لفظن ۾ لکيل آھي ته، ”صدر پاڪستان انھن سڀني اسٽريٽجڪ ڪينالن جي ھڪ ئي وقت تعمير جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ گڏوگڏ ان تي به زور ڏنو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون تسلسل سان بنا ڪنھن رنڊڪ جي انھن ڪينالن لاءِ فنڊ فراھم ڪن.“ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ ۽ ورڪر نعرا ھڻڻ کان اڳ ھڪ ڀيرو وري غور سان پڙھي ڏسن ته ھو ڪنھن جي خلاف نعرا ھڻي رھيا آھن:
8 جولاءِ 2024ع تي ايوان صدر ۾ صدر آصف زرداري جي صدارت ھيٺ گرين پاڪستان انيشيٽو جي گڏجاڻي جا تفصيل ۽ ان ۾ ڪيل فيصلا
ميٽنگ جي منٽس طور هي ظاهر ٿيا آهن.
8 جولاءِ 2024 تي پريزيڊنٽ سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ پاڪستان جي صدر کي ڏنل بريفنگ
1.جنرل.
صدر آصف علي زرداري 8 جولاءِ 2024ع تي ايوان صدر ۾ گرين پاڪستان انيشيٽو جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. صدر کي پاڻي ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي اهميت، پاڪستان ايريگيشن نيٽ ورڪز لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم جي نفاذ، ارسا پاليسي جي نئين سر تشڪيل ۽ اسٽريٽجڪ ڪينالن بابت بريفنگ ڏني وئي. هيٺيان اهم ڪارڊينل بحث ھيٺ آندا ويا:
فيصلا ۽ انھن تي عمل درآمد ڪرڻ جي ذميواري
1 .اسٽريٽجڪ ڪينال
صدر کي 6 اسٽريٽجڪ ڪينالن جي اهميت بابت بريفنگ ڏني وئي جن جي ھڪ ئي وقت تعمير ٿيڻي آھي. انھن ڪينالن جا تفصيل ھن ريت آھن:
سنڌ جا ٿر ڪينال ريڻي ڪينال، پنجاب جا چولستان ڪينال گريٽر ٿل ڪينال. بلوچستان جو ڪڇي ڪينال، خيبرپختونخواهه جو رائيٽ بئنڪ چشما ڪينال.
اهي ڪينال گرين پاڪستان انيشيٽو جو هڪ لازمي حصو آهن ۽ زرعي ترقي ۽ ملڪ جي فوڊ سيڪيورٽي کي وڌائڻ لاءِ انتهائي اهم آھن.انھن 6 ڪينالن جي ھڪ ئي وقت تعمير جي ذميواري حڪومت پاڪستان، حڪومت سنڌ، حڪومت پنجاب، حڪومت بلوچستان ۽ حڪومت خيبرپختونخواهه جي آھي.
2.اسٽريٽجڪ ڪينالن جي هڪ ئي وقت تعميرصدر پاڪستان انھن سڀني اسٽريٽجڪ ڪينالن جي ھڪ ئي وقت تعمير جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ گڏوگڏ ان تي به زور ڏنو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون تسلسل سان بنا ڪنھن رنڊڪ جي انھن ڪينالن لاءِ فنڊ مهيا ڪن.
. 3 اسٽريٽجڪ ڪينالن جي فنڊنگ جا ذريعا صدر پاڪستان انھن اسٽريٽجڪ ڪينالن کي اولين قومي ترجيح قرار ڏيندي هيٺين سمورن فنڊنگ آپشنز تي روشني وڌي:
(1) وفاقي پي ايس ڊي پي (پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام)
(2) صوبائي اي ڊي پيز (صوبائي ساليانا ترقياتي پروگرام)
(3) مختلف بين الاقوامي مالياتي ادارن کان گرانٽس ۽ نرم شرطن وارا قرض
(4) Agri REITs يعني ايگريڪلچرل ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽ انهن ڪينالن جي ڪمانڊ ايرياز ۾ سرڪاري زمين کي لينڊ بئنڪ جي طور استعمال ڪري ايگري REITs کي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽر ڪرائي پبلڪ جو سرمايو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اھي تجويزون ڏيڻ سان گڏوگڏ صدر صاحب اسٽاڪ ايڪسچينج جي نمائندن کي اھا سڄي بريفنگ ڏيڻ جي خواهش جو به اظھار ڪيو. انھن سڀني ڪينالن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي ذميواري حڪومت پاڪستان، چئني صوبائي حڪومت ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو کي سونپي وئي.
. 4 ڪڇي ڪينال جي تعمير صدر پاڪستان ڪڇي ڪينال جي اھميت کي اجاگر ڪندي ان کي بلوچستان جي عوام لاءِ فليگ شپ منصوبي جي طور تي کڻڻ جي خواهش ظاھر ڪئي ۽ ان تي زور ڏنو ته ڪڇي ڪينال جي تعمير جي سمورن مرحلن ۾ وفاقي حڪومت ان جي اسپيشل سپورٽ ڪري.
ڪڇي ڪينال جي تعمير جي ذميواري حڪومت پاڪستان ۽ حڪومت بلوچستان کي سونپي وئي.
. 5 پاڻي جي ذخيرن جو تحفظ
صدر پاڪستان سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن ان قيمتي اثاثي کي محفوظ ڪري سگهجي. هن سڀني واٽر ڪورسز جي لائننگ ۽ اعليٰ ڪارڪردگي واري آبپاشي نظام جي استعمال تي زور ڏنو جيئن مرڪزي محور سسٽم ۽ ڊرپ ايريگيشن سسٽم وغيره.پاڻيءَ جي ذخيرن جي تحفظ ۽ جديد آبپاشي نظام جي تعمير جي ذميواري گرين پاڪستان انيشيٽو کي سونپي وئي.
- صدر جو سائيٽ جو دوروصدر پاران ديامير ڀاشا ڊيم ۽ ٿر پراجيڪٽ جي علائقن (پرچي جويري) جو دورو ڪيو ويندو. سنڌ ۽ ڪي پي حڪومتون انھن دورن جا انتظام ڪنديون.
- ٽيلي ميٽري سسٽم جي تنصيب ۽ IRSA جي نئين سر تشڪيل صدر IBIS جي سائيٽن تي ٽيلي ميٽري سسٽم جي انسٽاليشن کي ساراھيو. گڏوگڏ ھن وقت سر منصوبي جي تڪميل تي عملدرآمد لاءِ فنڊن جي دستيابي جو به يقين ڏياريو. ھن فيصلي تي عملدرآمد جي ذميواري حڪومت پاڪستان، چئني صوبائي حڪومتن ۽ ارسا کي سونپي وئي.
صدر کي موجوده ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جي ضرورت کان آگاهه ڪيو ويو. هن تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏني ۽ ان قانون کي جلد کان جلد لاڳو ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ کان ان جي منظوري لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو. ارسا جي چيئرمين جي مقرري تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ صدر مملڪت اھو قانون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هڪ ايماندار، غيرجانبدار ۽ سٺي شهرت رکندڙ شخص جي مقرري تي زور ڏنو جنھن لاءِ ھن تجويز ڏني ته اھو پڇڙيءَ وارن صوبن سان تعلق رکندڙ ھجي. ميٽنگ جا ھي منٽس سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي بروقت ڪارروائي لاءِ جاري ڪيا پيا وڃن. باقاعدي راءِ/ پيش رفت جي آگاھي سڀني لاڳاپيل ذميوار اختيارين کي مهيا ڪئي ويندي
.شرڪت ڪندڙن جي فهرست
سرڪاري عملدار
1 .جناب آصف علي زرداري صاحب صدر پاڪستان.
. 2 جناب سيد محسن رضا نقوي، وزير داخلا پاڪستان.
گرين پاڪستان انيشيٽو
- ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ، ايڊجوٽنٽ جنرل، پاڪستان آرمي.
2.ميجر جنرل محمد ياسر الاهي، جنرل آفيسر ڪمانڊنگ 45 انجنيئرز ڊويزن.
3.ميجر جنرل عبدالسميع، ڊائريڪٽر جنرل فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن
Translated and circulated by
SINDH UNITED PARTY
September 16, 2024.
پيپلز پارٽي جا ورڪر ۽ اڳواڻ ايوان صدر مان جاري ٿيل ھي فيصلا ۽ فيصلا سازن جا 5 نالا ۽ سندن عھدا برزبان ياد ڪن ته جيئن کين خبر ھجي ته ھو ڪنھن جي خلاف نعرا پيا ھڻن.