پاڪستان جي ٺهڻ کان جلد پوءِ پنجاب جا آبي جاريت وارا ارادا سامهون اچي ويا هئا. هن وقت تائين پي پي وارا ان تي پردو وجهي رهيا آهن ۽ قوم پرست روايتي سياسي جدوجهد سبب ان کي ناڪام بڻائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن. ڇوته پي پي اقتدار جي نشي ۽ لالچ ۾ رهي آهي ۽ قوم پرستن کي بدقسمتي سان عوامي مينڊيٽ نه ملي سگهيو آهي.انگريز دور تائين انصاف سبب يا پنجاب جو طاقتور نه هجڻ ڪري، سنڌو درياهه گهڻي حد تائين محفوظ رهيو. سنڌين پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي، نئي ٺهيل ملڪ ۾ شامل ٿي ويا. دنيا جي 28 وفاقي ملڪن مان پاڪستان جو وفاق نرالو آهي. جنهن تي هڪ صوبي يا هڪ قوم جي استحصالي، ظالم طبقن جو مڪمل قبضو رهيو آهي.
1958ع ۾ تونسا بئراج ٺاهيو ويو، دير ۽ ديرا غازي خان ضلعن کي آباد ڪيو پيو وڃي. 1971ع ۾ چشما بئراج ٺاهيو ويو، هي بئراج ساڳئي وقت پاڻي گڏ ڪرڻ جو ذخيرو به آهي، هتي پاڻي جا پنج ننڍا ڊيم قائم آهن. جتان چشما جهلم، لنڪ ڪينال نڪري ٿو، جيڪو بهاولپور ۽ ملتان ضلعن جا علائقا آباد ڪيا پيا وڃن. 1996ع ۾ ڪالاباغ ڀرسان ميانوالي ضلعي ۾ جناح بئراج ٺاهيو ويو آهي، هتان ٿل ڪئنال ڪڍي خوشاب، ليا، ميانوالي ۽ مظفر ڳڙهه ضلعن کي آباد ڪيو پيو وڃي.پنجاب جو سنڌو درياهه سان ڪوبه واسطو يا ان تي ڪوبه تاريخي حق نه رهيو آهي. پنجاب ۽ سرائيڪي وطن کي پنهنجا پنج درياهه آهن. جن ۾ جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج اچي وڃن ٿا. ايوب خان جي دور ۾ اسٽيبلشمينٽ پنهنجا ٽي درياهه هندستان کي وڪرو ڪري ڇڏيا.
هندستان آبي جارحيت ۽ دولت عيوض ورتل پاڻي راجستان ۾ ضائع ڪري ڇڏيو. پنجاب ٽي درياهن جي وڪري کان پوءِ سنڌو درياهه کي لاوارث سمجهي قبضو ڪري بئراج ٺاهي ورتا ۽ مسلسل سنڌ جو پاڻي چورائيندو رهيو آهي. پنجاب جو انچ انچ آباد ٿئي ٿو، آبي جارحيت ۾ حاصل ٿيندڙ سنڌ جي حصي جو پاڻي چولستان ۾ استعمال ڪرڻ يا هندستان وانگر ضائع ڪرڻ گهري ٿو. ڇوته سنڌ وطن جي هر شيءِ مال غنيمت آهي ۽ پنجاب جا حڪمران وفاق جا مالڪ آهن .ڪئنال ٺاهڻ جي منظوري ڪنهن ڏني آهي؟ ڪئنالن جو فائدوڪنهن کي ٿيڻو آهي؟ ڪئنال ٺاهڻ تي ضد ڇو آهي؟ ڪئنالن جو نقصان ڪنهن کي آهي؟ سنڌ جي عوام جي راءِ ۽ پرامن سياسي جدو جهد کي مڃتا ڇونه ٿي ڏني وڃي؟
پنجاب حڪومت جو موقف آهي ته ڪئنالن جي منصوبي جي منظوري ملڪ جي صدر ڏني آهي، اهو معاملو ته بنهه سولو آهي. جنهن هن منصوبي جي منظوري ڏني آهي. اهو ان منصوبي کي ختم ڪري ڇڏي، صدر صاحب اهو فيصلو ڇونه ٿو ڪري، صدر زرداري جيڪڏهن ڪئنالن واري تڪراري منصوبي مان راضي آهي ته ان جي حق ۾ وضاحت ڪري، جيڪڏهن ڀل چڪ ۾ استعمال ٿي ويو آهي ته معافي وٺي سنڌي عوام جي بيچيني ختم ڪري. سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ مان به اهو سمجهان ٿو ته سياست بي رحم ضرور آهي. پر اها انڌي نه هوندي آهي.
پ پ جو نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنهن کي سياست ڪرڻ لاءِ اڃان گهڻو وقت ۽ موقعا موجود آهن. ڀٽو شهيد جي ورسي ۾ تقرير دوران معاملن کي منجهائي پيش ڪيو آهي. سياستدان مسئلن کي حل ڪندو آهي. مسئلا پيدا نه ڪندو آهي. هر شيءِ سان گڏ سياست ۾ به ارتقا ٿيندي آهي. کپي کپي وارو بيانو ٻه ڏهاڪا اڳ جو آهي. ان وقت معروضي حالتن سبب هي فلسفو ڪامياب به ٿيو هجي. 20 سالن کان پوءِ ضروري ناهي ته ساڳيو بيانو ڪامياب وڃي، هن وقت سنڌ کي نئون بيانو ملي چڪو آهي. ته ڇهه ڪروڙ سنڌ جي عوام، زمينن، وڻن، جيتن، جانورن، فصلن، باغن ۽ سامونڊي حيات کي پاڻي کپي. ٻيو ته نوجوان چيئرمين کي سمجهڻ گهرجي ته کپي کپي واري نعري کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ وفاق تي پنجاب جي قبضي واري سوچ ختم ڪري ڇڏيو آهي.
سيد مراد علي شاهه وزير اعليٰ ٿيڻ واري مرحلي جي دوران صوبائي سِيٽ تي اليڪشن وڙهڻ دوران ڄامشورو ۾ سنجيده قوم پرست سياستدان سيد جلال محمود شاهه وٽ ڪيئي ڀيرا آيو هو. هڪ ملاقات ۾ مان به موجود هيس، سيد مراد علي شاهه سن جي سيد ڀائرن جو ويجهو مائٽ آهي، ان وقت هن کي سياسي مدد ملي وئي. پر آءُ سيد جلال محمود شاهه کي ان وقت چيو هيو ته مراد علي شاهه جي وڏي وزير ٿيڻ سان پ پ کي ته فائدو ٿيندو پر سنڌ نقصان ۾ ويندي. سيد پڇيو هيو ته ڇو؟ سنڌ سياسي تاريخ جي اهم سفر ۾ دلچسپ مرحلي ڏانهن وڃي رهي آهي، سنڌ کي هڪ اهڙي وزير اعليٰ جي ضرورت آهي، جيڪو منيجر نه پر سياستدان هجي. منيجر شين کي ترتيب سان رکندو آهي ۽ سياستدان قوم کي اڳتي وٺي ويندو آهي. ان ڪري سنڌ داخلي ۽ خارجي بحران ۾ ڦاسي پئي آهي. وڏو وزير سنڌ اسيمبلي کان ميڊيا ٽاڪ تائين پاڻي جي مسئلي تي دليلن سان بحث ڪري سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر سنڌ جا ماڻهو هن تي اعتبار ڪرڻ بجاءِ زين شاهه ۽ درياهه بچايو تحريڪ تي اعتماد ڪري رهيا آهن. ڪالهه جي ڳالهه آهي ته پنجاب جا دانشور، ميڊيا مين ۽ سياستدان صدر زرداري لاءِ چوندا هيا ته هو سياست ۾ 100 پي ايڇ ڊي جي برابر آهي. اڄ جو سچ اهو آهي ته موجوده اقتدار جي جوڙ جڪ ۾ صدر زرداري آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جهڙو بي وس ڪردار ٿي پيو آهي. ڇا سنڌين کي وفاق مان هميشه لاءِ مايوس ٿيڻو پوندو؟ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۾ وفاقي وحدتن جا وارث، پشتون خارجي سڏيا وڃن ٿا، بلوچن کي دهشتگردن واري سڃاڻپ ڏني وئي آهي. ۽ سنڌين سان غلامن وارو ورتاءُ آهي. دنيا جو عالمي طاقتون پنهنجي پنهنجي جارحانا قومي مفادن خاطر نئين حڪمت عملي سان، اسپيس وار جي ضرورتن کي ڏسندي نون علائقن کي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ سوچي رهيون آهن. شايد شاهه ڀٽائي ۽ جهولي لعل جي سنڌ ٽين غلامي ڏانهن وڃي رهي آهي.