پاڻي بابت غلط رپورٽ ڏيڻ سبب سنڌ ۽ وفاق ۾ پيدا ٿيندڙ وڇوٽيون

تحرير: ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ

سنڌ، جيڪا اڄ پاڻيءَ جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، زمينون اُڃايل، فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ آبادگار ڏکيائين ۾ جڪڙيل آهن خوراڪ کاتي مطابق25- 2024  لاءِ ڪڻڪ پوکڻ جو هدف 31 لک ايڪڙ رکيو ويو، جنهن مان لڳ ڀڳ 30.96 لک ايڪڙ تي پوکائي ٿي، پر اهي انگ اکر فقط ڪاغذن تي آهن، حقيقت ۾ ڪيترن آبادگارن وٽ پاڻي نه هو، سرڪاري مدد نه هئي.هاڻ 2025 ۾ ڪپھه لاءِ 15.62 لک ايڪڙ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، پر موجوده پاڻي جي کوٽ ڏسندي اهو مقصد حاصل ٿيڻ ڏاڍو مشڪل لڳي ٿو. گذريل سال 2024 ۾ ڪپھه جي هدف کان به وڌيڪ پوکائي ٿي هئي، پر هيل جو حال الڳ آهي.

2022 جي برساتن کان پوءِ، سنڌ حڪومت آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوک تي في ايڪڙ 5000 رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، فارم ڀرڻ باوجود صرف 30 سيڪڙو ماڻهن کي رقم ملي، اهو به تپيدار، مختيارڪار ۽ ٻين سرڪاري عملدارن جي منظوري کان پوءِ. ننڍن آبادگارن کي اوليت ڏني وئي، پر ڪيترائي غريب اڄ به بنا سهاري ويٺا آهن. وڏو وزير به زرعي ۽ روينيو کاتي جي انگن اکرن تي شڪ ظاهر ڪيو هو. سنڌ جو سڀ کان وڏو نقصان روينيو کاتو ڪري ٿو، جنهن ۾ سيڪريٽري، ڊپٽي ڪمشنر، مختيارڪار ۽ تپيدار شامل آهن. اهي ماڻهو اڪثر ڪري زمينن جي سروي وقت آباد زمين جو اڌ کان به گهٽ حصو ظاهر ڪن ٿا. باقي زمين جو پاڻي ۽ ڍل پاڻ لاءِ بچائن ٿا.

1991 جي پاڻي ورڇ واري معاهدي موجب، سنڌ کي جيڪو پاڻي ملڻو آهي، ان کان گهٽ ملي ٿو. روينيو کاتي جا آفيسر اهڙا انگ اکر ٻڌائن ٿا، جن مان لڳي ٿو ته سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ زمين غير آباد آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ اها زمين پوکائي هيٺ آهي، پر ڄاڻي واڻي غير آباد ڏيکاري وڃي ٿي.اياز لطيف پليجي به چيو آهي ته اڳ سنڌ جي زمين پنجاب کان به وڌيڪ آباد هئي، يعني سنڌ جي هڪ ڪروڙ  ويهھ لک ايڪڙ زمين آباد هئي، پر پاڻي جي کوٽ سبب هاڻ اهو انگ گهٽجي 72  لک ايڪڙ تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سنڌ جي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 28 لک ايڪڙ زمين آباد آهي، جنهن ۾ ڪچو ۽ باراني علائقا شامل ئي نه آهن. اڳ قانون اهو هو ته زرعي، روينيو ۽ آبپاشي کاتا گڏجي زمينن جي جاچ ڪري رپورٽ تيار ڪندا هئا، جنهن کي ”پڙتال“ چيو ويندو آهي، پر هاڻ صرف اڪيلو روينيو کاتو پنهنجن انگن اکرن موجب اڌ کان وڌيڪ زمين کي غير آباد ڏيکاري ٿو، جنهن سان اهي زمين جي ڍل جو وڏو حصو پاڻ وٽ رکڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ۽ انگن اکرن ۾ اسان جي اڌ آباد زمين به غير آباد زمين ۾ اچي وڃي ٿي ۽ ان غير آباد زمين جو پاڻي به جهڙوڪ بچي ويو ۽ آئينده سال توهان کي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ به ان آباد ڏيکاريل زمين جي حساب سان ورهاست ۾ ايندي، جيڪي بظاهر ڪوڙا، بي ايماني ۽ ڪرپشن جي ڪري غلط انگ اکر موڪليا ويا هئا. اهو ئي سبب آهي جو وقت تي ڀاڻ، ٻج ۽ پاڻي ميسر نه ٿيندو آهي ۽ آبادگار پنهنجا فصل پوکڻ کان اڳ ئي پريشان ٿي پون ٿا.

هاڻ حالت اها آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ، گرين انيشيئيٽو ۽ سنڌو درياهه تي 6 وڏا ڪينال ٺاهڻ وارا اسان سنڌ وارن کي پنهنجن ڊپٽي ڪمشنرن جا اهي ئي موڪليل سرڪاري انگ اکر ڏيکاري اسان کي باور ڪرائين ٿا ته سسٽم ۾ وڌيڪ اضافي پاڻي آهي، جيڪو ڪنهن به استعمال ۾ نٿو اچي ۽ توهان سنڌ وارا اهو پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ڪري رهيا آهيو، جڏهن ته حقيقت ۾ اهڙو پاڻي ڪوٽڙي وٽان گذري به نٿو. سنڌ جي ڊپٽي ڪمشنرن جي موڪليل انهن  بي ايماني وارن انگ اکرن تي ايس ايف سي ۽ ارسا وارا سنڌ جو اهو پاڻي کسڻ چاهين ٿا، جنهن پاڻيءَ تي اسان مڪمل آبادي ڪريون ٿا پر اسان جو روينيو، زراعت ۽ آبپاشي کاتا لکت ۾ ٻڌائين ٿا، سنڌ وٽ تقريبن 70 لک ايڪڙن جو پاڻي واڌو آهي انهن انگن اکرن موجب جيڪي اسان جي حقن جا محافظ ڊپٽي ڪمشنر  وفاق ڏانهن موڪلين ٿا. اهڙن انگن اکرن جي موجودگي واري رڪارڊ کانپوءِ سنڌ حڪومت وٽ پنهنجي پوزيشن، پنهنجي زمين ۽ پنهنجو پاڻي بچائڻ لاءِ ڪهڙو دليل بچندو؟

هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت، خاص طور تي وزيراعليٰ، پنهنجن کاتن کي سڌو رستو ڏيکاري، زرعي، روينيو ۽ آبپاشي کاتي کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري درست انگ اکر تيار ڪري ۽ سي سي آءِ يا ارسا جي ايندڙ اجلاس کان اڳ سچائيءَ سان سنڌ جو ڪيس تيار ڪري وٺي، جيڪي اتي اڳواٽ اسان جي ڊپٽي ڪمشنر غلط ۽ گهٽ تعداد ۾ انگ اکر موڪلي ڏنا آهن، انهن کي ڪوڙو ثابت ڪري ۽ اهي انگ پيش ڪرڻ وارن تي سخت ايڪشن وٺڻ لاءِ عملي قدم کڻي. پوءِ اڳتي جيڪڏهن ڪو آفيسر يا عملدار غلط انگ ڏئي ٿو ۽ روينيو، زراعت ۽ آبپاشي کاتي جي پڙتال ۾ ميچ نٿا ٿين ته انهن کي قانون موجب فوري طور هٽايو وڃي ۽ سنڌ جي عوام سان انصاف ڪيو وڃي، نه ته وقت گذرڻ سان صرف زمين نه، پر سڄي سنڌ سڪي ۽ کسجي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.