واقعا، حڪايتون، حادثا ۽ جيڪي ڳالھيون اسان کي گھڻو ڏک ڏين ٿيون، اسين ڪڏھن نٿا وساري سگهون. جي ڪڏھن تڪليف واري ڳالهھ نڪري ٿي، تھ پوءِ گھڻو پري تائين ويندي آھي.گذريل ڪٿا ۾ ڳالھه کُلي پئي ھئي.تاريخ سان کلواڙ ڪرڻ جي،تاريخ کي مِٽائڻ ۽ مسخ ڪرڻ جي. ھن ڪالم ۾مون کي ڪجهه وڌيڪ غور طلب ڳالهيون توھان سان ڪرڻيون هيون. تاريخ کي مِٽائڻ لاءِ توھان ثبوت، شاهديون ۽ گواھيون غائب ڪري ڇڏيو ٿا. توهان خوش ٿي ويندا آهيو ته توهان غلاماڻي دور کي تاريخ مان خارج ڪري ڇڏيو آهي. توهان خوش ٿي ويندا آهيو ته اسان جا ابا ڏاڏا ڪنهن جي قبضي ۾ نه رھيا هئا، اهي آزاد آيا ھئا ۽ آزاد هن دنيا مان موڪلائي ويا ھئا.توھان پنھنجو پاڻ کي خوش ۽ مطمئن رکڻ لاءِ ڪيترو نھ سادو نسخو ٺاهي ورتو آهي.
اسان آساني سان وساري ڇڏيو آهي ته اسان تي ڇهه سؤ سالن تائين غير ملڪين حڪومت ڪئي هئي. انهن جي تھذيب و تمندن، زبان اسان کان مختلف هيون. انهن جي رھڻي ڪھڻي اسان کان الڳ ھئي. اسان تي چار سئو سال پٺاڻن ۽ مغلن حڪومت ڪئي ھئي۽ ٻھ سئو سال انگريز اسان جا حڪمران رهيا ھئا.1947ع ۾ ملڪ مان ويندي انگريزن هندستان کي ٽن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو ھو، ٻه حصا پاڪستان کي مليا ھئا ۽ هڪ حصي تي هندستان ٺهيو ھو. پاڪستان جو وڏو حصو اوڀر پاڪستان، چوويهه سال گڏ رهڻ کان پوءِ 1970 ۾ اولهه پاڪستان کان الڳ ٿي ويو ۽ اهڙي طرح بنگلاديش وجود ۾ آيو ھو. تڏھن اولهه پاڪستان صرف پاڪستان سڏجڻ ۾ آيو .ڪجهه تاريخدان چون ٿا ته موجوده پاڪستان قائداعظم جو ٺاهيل پاڪستان نه آهي.انھن جو چوڻ آھي تھ موجوده پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي جو ٺاهيل آھي.اھو تڪراري موضوع آهي. ان بابت وري ڪنهن ٻئي ڀيري ڳالهائينداسين. اسين ڳالھه ڪنداسين ماضي جي گم ٿيل نشانين جي ۽ ثبوتن جي.
غلامي جي دور جون سڀ ڳالھيون خراب نه ھونديون آهن. آزاديءَ جي دور جون سڀ ڳالھيون سٺيون نھ ھونديون آھن. غلامي جي دور ۾ توهان سري لنڪن مئنيجر جا گهٽين ۾ماس جا ٽڪرا اڏئي نھ پئي سگهيا. توھان سندس چچريل لاش کي باهه ڏئي ناچ نچي نه پئي سگھيا. جنوني ۽ جوشيلا نعرا لڳائي توھان پنھنجي خوفناڪ فعل جو جشن نھ پئي ملھائي سگھيا. امرتسر جي جليانوالا باغ ۾ چار سئو بي هٿيار ماڻهن کي موت جي نند سمھارڻ غلامي دور جو بدترين واقعو هو. اهڙن واقعن کي ڪڏهن به نھ وسارڻ گهرجي، بلڪه اهي واقعا وسارڻ جھڙا نھ ھوندا آھن. امرتسر ۾ اڄ تائين جليانوالا باغ موجود آهي. اهي ڀتيون پڻ آهن جن تي برطانوي گولين جا نشان آهن. ڀتين تي گولين جا نشان هڪ خوفناڪ ياد ڏياريندا رھن ٿا.انگريز جي دور ۾ مختلف مذهبن ۽ عقيدن جا ماڻهو هم آهنگي سان رهندا هئا. ڪو به ڪنهن جي عبادتگاهن کي باهه نه ڏيندو هو. غلامي جي دور جون اهي سٺيون ڳالهيون آهن.
1920ع ڌاري انگريزن هندستان ۾ ريل جون پٽڙيون وڇائي ڇڏيون ھيون ۽ريل گاڏي ھلائي ڇڏي ھئي.صاف سٿرا پليٽ فارم شهرن جي ريلوي اسٽيشنن تي ٺاهي ڇڏيا ھئا.عوام ۾ مقبول ٿي وڃڻ بعد انگريزن پنهنجو مخصوص کيل کيڏيو. اسٽيشنن تي عام استعمال جي پاڻي پيئڻ جي پائپ لائينن ۾ ھڪ ٽونٽي سان گڏ ڪجهه فاصلي تي هڪ ٻي ٽونٽي جو اضافو ڪري ڇڏيو، هڪ ٽونٽي تي تختي لڳائي ڇڏي،جنهن تي لکيل هو ”هندو پاڻي“ ۽ ٻي ٽونٽي تي لکيو ”مسلمان پاڻي.“ عرف عام ۾ ان کي چئبو آھي ورهايو ۽ حڪومت ڪريو. ريل گاڏي جي اندر ملندڙ کاڌي کي پڻ ٻن حصن ۾ ورهايو ويو . هڪڙو ھو هندو کاڌو ۽ ٻيو ھو مسلمان کاڌو. جيتوڻيڪ انگريز جي پنھنجي ڊڪشنرين ۾ هندو کاڌي ۽ مسلمان کاڌي جو ذڪر ناهي. ٻن کاڌن جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ هڪ کاڌي کي ويجيٽيرين ۽ ٻئي قسم جي کاڌي کي نان ويجيٽيرين ٻڌايو ويو آهي.ويجيٽيرين کاڌي ۾ توهان کي کائڻ لاءِ رڌل ڀاڄيون ملنديون ھيون، ۽ نان ويجيٽيرين کاڌي ۾ توهان کي کائڻ لاءِ گوشت ۽ مڇي ملندي ھئي. پر هندن ۽ مسلمانن کي هڪ ٻئي کان پري ڪرڻ لاءِ ويجيٽيرين کاڌي بدران هندو کاڌو ۽ مسلمان لاءِ نان ويجيٽيرين کاڌي جي بدران مسلمان کاڌي جو لفظ استعمال ڪيو ويو. غلامي جي دور جون اهڙيون ڳالهيون عذاب جي طور تي اسين ياد رکون ٿا. انگريز ڄاڻندو ھو ۽ ڄاڻي ٿو ته بيشمار هندو ڪڪڙ جو گوشت، مڇي ۽ ٻڪري جو گوشت شوق سان کائيندا آهن. انگريز جو مقصد کاڌو کارائڻ نه هو. انگريزن جو مقصد ھو هندن ۽ مسلمانن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪرڻ، انگريزن پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو، اھو هندستان جا ٽي ٽڪرا ڪري ھتان ھليو ويو.
انگريزن، هندن ۽ پارسين جيترا سٺا ڪم ڪراچي ۾ ڪيا ھئا، اهي شايد اسان کي غلامي جي يادگيري ڏيارڻ لاءِ ڪري ويا هئا. ٽرام جو اسان جي غلامي سان پري پري جو واسطو نه هو. هڪ آني ۾ توھان ڪراچي جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين اچي وڃي سگھندا ھئا. دنيا جي هر مهذب ۽ سٺي شهر ۾ ٽرامون هلي رھيون آھن. يورپ جي ڪنھن ملڪ ٽرام تي پابندي ناهي لڳائي.
مون کي اڄ تائين ان آفيسر جي ڳولا آهي، جنهن جي حڪم تي ڪراچي مان ٽرام جو سلسلو ھميشھ لاءِ ختم ڪيو ويو. جيڪڏهن آفيسر بهادر، ٽرام کي غلامي جي يادگيري سمجھي ھتان مٽائي ڇڏيو ھو تھ پوءِ ان جي ئي حڪم تي بولٽن مارڪيٽ کان ٽڪري تائين بندر روڊ تي لڳل گھٽا وڻ ڪٽرايا ھوندا.ان جي ئي حڪم تي غلامي جي دور جي وڻن هيٺان رکيل بينچن کي پٽيو ويو ھوندو. ڪراچي جي گهٽين تي لڳل لوهه جا ڍڪ برمنگهم مان ٺھي ايندا ھئا. ڪراچي جي روڊن جا لوهي ڍڪ غائب ٿي ويا. اهي سڀ شيون توهان کي غلامي جي دور جي ياد ڏيارينديون هيون. اهڙن سڀني نشانين کي مٽائي ڇڏڻ بعد اسان مڪمل طور تي آزاد آهيون.
(جنگ جي ٿورن سان)