ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج بڻيل سنڌي عوام

تحرير: ياسمين چانڊيو

سنڌ، جيڪا صدين کان قدرتي وسيلن سان مالامال، ڌرتي رهي آهي، اڄ هڪ اهڙي ناپاڪ منصوبي جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن جو مقصد رڳو زمينن تي قبضا ڪرڻ نه، پر سنڌ جي وجود، سڃاڻپ ۽ ثقافت کي مڪمل طور ميسارڻ آهي. هي منصوبا ڪا نئين سازش نه، پر پاڪستان ٺهڻ کان وٺي وفاق جي جاري ظلم جي تسلسل جو حصو آهي، جنهن ۾ وقت بوقت نوان چهرا، نوان نظام ۽ نيون شڪليون سامهون اينديون رھن ٿيون، پر ظلم ۽ وسيلن تي ڌاڙي جو مرڪزي نقطو سدائين هڪ ئي رهيو: سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ ، ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪجي.

وفاق هميشه سنڌ کي سياسي، معاشي، ۽ ثقافتي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ منظم پاليسيون اختيار ڪيون آهن. هي پاليسيون رڳو حڪومتي بي ڌياني جو نتيجو نه هيون، پر هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي جو حصو هيون.

رپوٽن مطابق سنڌ مان پيدا ٿيندڙ گئس جو 70سيڪڙو استعمال پنجاب ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ اڄ به گئس کان محروم آهن. سنڌ جي تيل جي پيداوار ملڪ جي مجموعي پيداوار جو 56 سيڪڙو آهي، پر سنڌ کي ان مان بمشڪل 10 سيڪڙو ئي ملي ٿو. ڪراچي ۽ بن قاسم بندرگاهن مان ٿيندڙ آمدنيءَ جو 90 سيڪڙو وفاق جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته سنڌ کي ان مان باقي بچيل ڏھ سيڪڙو به نه ٿو ڏنو وڃي. ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ توانائي جا فائدا  وفاق وٺي رھيو آھي جڏهن ته سنڌ سميت ٿر، بجليءَ کان محروم آھي ۽ سنڌي ماڻھون ھن جديد دؤر ۾ به اوائلي دؤر جھڙي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي.

سنڌوءَ تي تربيلا، منگلا، ورسڪ، ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪئنالن  جي تعمير، پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن ۾ مداخلت ڪري سنڌ جي زراعت، ماحوليات، ۽ آبي حياتيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي. وفاقي ادارن پاران  سنڌ کي سندس جائز حصي مان رڳو 30-40  سيڪڙو پاڻي به نٿو ڏنو وڃي، جيڪو آئين ۽ بين الصوبائي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي.

زراعت جي تباهي ۽ بيروزگاري پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب سنڌ جي زرعي پيداوار 50 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي. لکين هاري بيروزگار ٿي ويا ۽ هزارين ماڻهو ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين، ميرپور خاص، ۽ نوابشاهه مان لڏي ٻين شهرن ڏانهن هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيا ويا آھن.

وفاقي منصوبن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري مقامي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿا تي عمل جاري آهي. ڪراچي، حيدرآباد، ۽ سکر ۾ لکين ڌاريا ماڻهو مختلف نالن هيٺ آباد ڪيا ويا. انهن کي شناختي ڪارڊ، ووٽ جو حق ۽ سرڪاري زمينون ڏئي سنڌ جي شهريت ڏيئي سنڌي قوم جي جياپي کي ھاڃيڪار ڌڪ رسايو ويو.

سنڌ جي علائقن کي ڌار ڪرڻ جون ڪوششون ڪراچي کي وفاق جي ماتحت آڻڻ، حيدرآباد کي  ھڪ نئون صوبو بڻائڻ جي سازش ، سکر کي الڳ انتظامي يونٽ ٺاهڻ جون ڳالهيون مسلسل سامهون اچي رھيون آھن . هي سڀ منصوبا سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي هڪ وڏي رٿا جو حصو آهن.

تنھن ۾  سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تان ڌڪارڻ ھڪ  گهري، سازش هلائي پئي وڃي، جنهن ۾ سر فھرست ،بيروزگاري، بدحالي، ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جهڙا هٿيار استعمال ڪيا ويا آھن.

اها حڪمت عملي اهڙيءَ ريت جوڙي وئي آهي، جو سنڌي ماڻهو بي روزگاري، زراعت جي تباهي ۽ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ جي ور چڙهي، پنهنجا ماڳ مڪان، زمينون ۽ وسنديون پاڻ مرادو وڪڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ۽ پوءِ جيڪي زمينون خالي ٿينديون، اُهي ڌاريا ئي خريد ڪندا، جن لاءِ هيءُ سڀ اڳ جي  رٿيل سازش آهي.

سنڌي قوم، ٻوليءَ کي مارڻ،۽ ميسارڻ لاءِ ڪنهن گوليءَ  جي ضرورت نه پر! زندگيءَ کي ايترو ته مهانگو، ۽ وسيلن کي ايترو اڻلڀ ڪيو پيو وڃي، جو ماڻهو پاڻ ئي پنهنجون جڙون وڍي، ڌرتيءَ تان جدا ٿي وڃن. ۽ پوءِ تاريخ ۾ لکيو ويندو ته: ڌرتيءَ تي ڌارين جا پير ته پوءِ پيا، جڏهن ڌرتيءَ جا وارث پاڻ ئي بي زمين ٿي ويا.  سو جيئن جيئن  وفاق جون ظالم پاليسيون وڌنديون ويون، تيئن، تيئن  سنڌ جي شعور ۾ نئون اوج اچي ويو. سنڌي نوجوان، ٻار، ٻڍا  ،ليکڪ، صحافي، شاگرد، عورتون، مزدور، هاري، ۽ عام ماڻهو هاڻ پنهنجي حقن لاءِ پاڻ ميدان ۾ لٿا آهن. سنڌي عوام پنهنجي خوشين واري ڏينهن، عيد، تي به احتجاج ڪري، دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته سنڌ هاڻ خاموش رهڻ لاءِ تيار ناهي.

لکين سنڌي نوجوانن سوشل ميڊيا تي ”سنڌ ڌاري آبادڪاري خلاف“، ”سنڌو تي ڌاڙو بند ڪيو“، ”سنڌ جي وسيلن جو مالڪ سنڌي آهي“ جهڙا نعرا ۽ ھيش ٽيگ: هلائي قومي شعور کي وڌايو ۽ ان ۾ سنڌ جي عورت جو ڪردار به برابر رھيو. سنڌ جي عورتن، خاص ڪري تعليمي ادارن، ڳوٺن، ۽ شهرن مان اُڀري ايندڙ نوجوان ڇوڪرين پنهنجي آواز کي مظاهرا، تقريرن، ۽ شاعريءَ ذريعي قومي جدوجهد جو حصو بڻايو.

جڏهن سنڌ تي سياسي، معاشي، ۽ ثقافتي حملا ٿيا، ته سنڌ جي نياڻي وري به پوئتي نه هٽي. عورتن جي مظاهرن، تقريرن، ۽ لکڻين وسيلي، هن ڀيرو به ثابت ڪيو ته ”ناري رڳو گهر جي سينگار ناهي، پر ڌرتيءَ جي سرحد به آهي“.

عيد جا ڏينهن احتجاجن ۾ تبديل ٿيڻ، ڳاڙھن  اجرڪن ۾ وڪوڙيل  ناريءَ جي بلند ٿيندڙ صدائن مان اهو ئي پيغام مليو ته! جڏهن ڌرتيءَ تي ڌاڙو لڳي، ته سنڌ جي نياڻي، نه زيور پر زنجير ٽوڙڻ لاءِ هٿ کڻي ٿي. سنڌ جي ثقافت هاڻ فقط اجرڪ ۽ ٽوپي تائين محدود ناهي رهي، پر اها قومي شناخت، سياسي جدوجهد، ۽ آزاديءَ جي علامت بڻجي چڪي آهي. سنڌي قوم سدائين ظلم جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي. عرب حملن کان وٺي، مغلن، انگريزن، ۽ هاڻي وفاقي حڪمرانن جي دور ۾ به سنڌ وڙهندي رهي آهي. جڏهن به سنڌ تي ڪا هٺ ٿي آهي، سنڌي هڪ آواز ٿي سامهون آيا آهن.

سنڌ جي ورهاست منصوبا، وسيلن تي قبضا، ۽ وجودي حملا، هاڻ رد ٿيڻ لڳا آهن. سنڌي قوم وڌيڪ بي حسي ۽ منافقت برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. وفاق کي هاڻ اهو سمجهڻ گهرجي ته هي 1947ع واري سنڌ نه آهي.

هن نئين سنڌ ۾ هر ماڻهو شعور رکي ٿو. هاڻ ڪو به ڌڪ، ڪا به ٺڳي، ڪو به ڌاڙو، سنڌ جي قومي وحدت کي ٽوڙي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن وفاق پنهنجي پاليسين تي نظرثاني نه ڪئي ته سنڌي عوام جو هي جاڳرتا وارو انقلاب، صرف لفظن تائين محدود نه رهندو، بلڪه نئين سياسي، معاشي، ۽ ثقافتي آزادي جي جدوجهد جي شڪل اختيار ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.