بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب: ڪجهه سوال ڪجهه جواب

تحرير: اعجاز ممنائي

ٽيون ڏينهن ڏينهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پنهنجي نرالي انداز ۾ جلسي کي خطاب ڪيو. هن تقريب ۾ سندس والد آصف زرداري ڪورونا سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل هو جنهن ڪري ڀلاول اڪيلي سر جلسي کي خطاب ڪيو۔هن وقت سڄي سنڌ ڪئنالن واري اشو تي سراپا احتجاج آهي ۽ خود پاڪستان پيپلز پارٽي به عوامي ردعمل کانپوءِ احتجاجن جا ڊرامائي انداز ۾ اعلان ته ڪيا آهن پر وفاق ۾ ويهي عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. بلاول 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌو تي وڌيڪ ڪوبه ڪئنال منظور ناهن، حڪومت وفاق کي نقصان پهچائڻ وارو فيصلو واپس وٺي. هن چيو ته عوام ڪئنالن خلاف هوندو ته پ پ وفاقي حڪومت سان نه پر عوام سان هوندي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ڪارڪنن هن علم کي بلند رکيو آهي. اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا وارث آهيون. هن چيو ته صدر آصف زرداري ڳڙهي خدابخش سان هڪ ٻيو واعدو پورو ڪيو آهي. صدر زرداري ان کان اڳ صدارتي ريفرنس ذريعي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏياريو.هن چيو ته اسان سياست کي خدمت سمجهيو آهي، اسان سياست کي نفرت ڦهلائڻ، تقسيم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ نه سمجهيو آهي. هن چيو ته دنيا کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو ته موسمياتي تبديلين جي سبب جيڪو اسان جو نقصان ٿي رهيو آهي، ان ۾ اسان جو نه پر توهان جو قصور آهي. مان عالمي دنيا ۽ وفاقي حڪومت جو شڪريو ادا ٿو ڪيان جو هنن هن منصوبي ۾ اسانجو ساٿ ڏنو آهي، ۽ ان منصوبه کي ڪاميابي سان اڳتي وڌايو پيو وڃي ڇوته موسميات جي تبديلين جي جنگ، جنهن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو جنگ آهي، پاڪستان جي اها جنگ آهي جنهن کي مان عالمي سطح تي وڙهي آيو آهيان، جڏهن مان پرڏيهي وزير هئس، تڏهن عالمي دنيا کي قائل ڪيو هو ته اسانجي دريا سنڌ کي بچائڻو آهي، انهن کي چيو ته اچو، پاڪستان جو ساٿ ڏيو. هن وقت ۾ "مائيٽي انڊس” (عظيم دريا سنڌ) چيو ويندو هو، جنهن کي اسان کي بچائڻو آهي. اسان کي مالياتي طور تي انڊس بيسن کي فعال ڪرڻ ۾ مدد ڪندا، اهڙي طرح، دريا سنڌ کي بچائڻ ۾ ٽيڪنيڪي طور ساٿ ڏيندا. ڀارت هڪ طرفا فيصلا ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڻي تي ڌاڙو هڻي پيو ته مان ڀارت جو مقابلو ڪري آيو آهيان، اسان دنيا کي ٻڌايو ته پاڻي تي پڇڙي وارن جا حق مڃڻا پوندا. ڇو ته آئيني ترميم ڪري ماحوليات جي موضوع کي آئين ۾ شامل ڪرايو.

سندس بقول حڪومت اسان سان طئي ڪيو هو ته چئني صوبن جا ترقياتي منصوبا مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي گڏجي ٺاهينديون، هاڻ جيڪڏهن اسڪيمون نه مليون ته اسان ڪنهن به بجيٽ کي ووٽ نه ڏينداسين. اسان ”پاڪستان کپي“ چوڻ وارا آهيون، جڏهن ته اهي دهشتگرد پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهين ٿا، شهيد بي بي واعدو ڪيو هو ته مان پاڪستان جو جهنڊو سوات ۾ ڦڙڪائيندس، اهو ڪم پيپلزپارٽي ڪري ڏيکاريو. بلوچستان جي حالتن جو فائدو وٺي جيڪي پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، اسان انهن جو رستو روڪينداسين. جيڪي سنڌ ۾ نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي پڻ پيپلزپارٽي جواب ڏيندي.

جيستائين پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو سوال آهي ته اسان جي تاريخ توهانجي سامهون آهي، تڪراري ڊيم جي منصوبي کي ڪنهن روڪيو؟ اها شهيد بينظير ڀٽو هئي. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلزپارٽي ان منصوبي کي دفن ڪيو، گجر خان جي جيالي راجا پرويز اشرف، وزيرِ پاڻي طور اهو اعلان ڪيو هو ته اهو منصوبو دفن ٿي چڪو آهي، هاڻي ڪينالن جي مخالفت ڪريون ٿا. هزارين سالن کان نسل در نسل اسان جو هڪ ئي ڪم آهي، دريائن سان رهڻ ۽ فصل پوکڻ.هن چيو ته مشرف جا تڪراري فيصلا هجن يا هڪ طرفا ڪينالن جا فيصلا هجن، يا عمران خان جا هڪ طرفه فيصلا هجن، پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪنن اها جدوجهد ڪندي پوڙها ٿي ويا  "سنڌو تي ڪينال نامنظور”.  ارسا جي رپورٽ پڙهو، جيڪا پنجاب ۾ پاڻي جي قلت بابت ڇا چوي ٿي، جتي پنجاب جي هاري جي شڪايت آهي ته پاڻي جي کوٽ آهي، ڏکڻ پنجاب جي هارين کي نقصان ٿيندو، پيپلزپارٽي ئي ملڪ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو ڪيس وڙهي رهي آهي. شهباز شريف اسان کي ڇڏي ڏي، هي عوام جو مطالبو آهي، جيڪڏهن عوام واهن جي خلاف آهي ته پيپلز پارٽي عوام سان گڏ هوندي، جيڪڏهن ڀائر گڏ رهڻ چاهين ٿا ته تڪراري منصوبو واپس وٺڻو پوندو.

پنڊال ۾ عوام پاران بلاول جي تقرير دوران مسلسل وفاق خلاف نعرا لڳندا رهيا پر بلاول عوام جي هڪ به نه ٻڌي ۽ وفاق کي هرحال ۾ بچائڻ جو چوندو رهيو۔ جيڪڏهن پيپلز پارٽي واقعي ڪئنالن جي مخالف آهي ته پوء هن وقت عوام ڪئنالن خلاف ٽن مهينن کان مسلسل رستن تي دانهون ۽ ڪوڪون پيو ڪري پوءِ بلاول ۽ سندس پارٽي وفاق سان گڏ ڇو ويٺا آهن ۽ خود ڪئنالن جي سمري تي سندس والد صحيح ڪري منظوري ڏني آهي پوءِ هيءَ ڪهڙو ڊرامو آهي جنهن جي منظوري به پاڻ ڏين ۽ مخالفت به پاڻ ڪن۔ جيڪڏهن واقعي به بلاول کي سنڌ ۽ سنڌوءَ جو درد آهي ته پوءِ وفاق سان احتجاج رڳو زباني نه بلڪه عملي طور ڪرڻو پوندو يا هڪ ڀيرو ٻيهر پارلياماني اجلاس گهرائي ان منصوبي جي خاتمي جو اعلان ڪرڻو پوندو باقي عوام کي دوکي ۾ رکي سکڻا جلسا ڪري وقت جو زيان ڪرڻ برابر آهي۔ عوام کي به اهڙي دوکي مڪاري ۽ ٺڳيءَ جي منطقي سياست کي سمجهڻ گهرجي جڏهن عوام توهان کان وفاق کان عليحدگي اختيار ڪرڻ ۽ جهيڙي ڪرڻ جو مطالبو ٿو ڪري ته انهن خلاف تقرير ڪري عوام جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو اها جمهوريت نه پر مارشل لا آهي جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي نالي ۾ جمهوري پارٽي آهي ۽ جمهوريت جي وڏي ۾ وڏي دعويدار پارٽي آهي ته پوءِ عوام جي راءِ جو احترام ڇو نه ڪيو وڃي انفرادي مفادن لاءِ اجتماعي معاملن کي قربان ڇو ٿا ڪريو۔هن وقت توهانکي جلسا ڪرڻ جڳائين نه ٿا ڇوته سنڌ جو عوام توهانکي هن سازش ۾ وفاق ۽ شهباز جو ساٿاري ٿو سمجهي۔ هاڻي ڀلي توهان هزار جلسا ڪريو  پر هن ڏوهه کان فراريت نه ٿا حاصل ڪري سگهو.

ڀلي توهان مفاهمت جا بادشاهه هجو پر سنڌي قوم توهانجي چالن کان خوب واقف ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن سنڌ جو ڀلو نه ٿا سوچيو ته سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪريو هيءُ سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي ان کي بچائڻ سنڌين جي اولين ذميواري ۾ شامل آهي ان لاءَ جيڪا به قرباني ڏيڻي پئي هر سنڌي ڏيڻ لاءِ تيار هوندو۔ڇوته وفاق ۽ پنجاب ھميشه سنڌ جي پاڻي تي راتاھا ھنيا آھن، سنڌ کي پھرين زبردستي ڌاڙو ھڻي کنيل پاڻي جو حساب ڏنو وڃي. جيستائين هڪ به سنڌيءَ کي سسيءَ ۾ ساھه آھي،تيستائين درياھ تي ڪو به قاتل منصوبو جوڙڻ نه ڏينداسين۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.