مٺياڻي (رپورٽ: امير علي ملڪ ) مٺياڻي ۾ سنڌو درياھ مٿان 6 ڪينال اڏڻ خلاف سول سوسائيٽي پاران شٽربند هڙتال ڪري لال مسجد کان مين چوڪ تائين تاريخي ريلي ڪڍي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي مولانا مبين احمد ڀرٽ، ڪامريڊ سيف الله ملڪ، ڪامريڊ حبيب مشوري، نظير احمد مستوئي، رحمان سولنگي، اصغر معاويه ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ، ريلي ۾ جي يو آءِ ، ايس يو پي، اين پي پي، جسقم، عوامي تحريڪ، سني رابطه ڪائونسل سميت سموري مڪتبه فڪر جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريلي دوران سنڌو تي ڌاڙو نامنظور ، ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هنيا ويا، اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ دراصل سنڌ کي سڪائڻ جو منصوبو آهي ، اسان ان منصوبي کي ڪنھن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.