جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) غيرقانوني ڪئنالن خلاف جي يو آءِ سنڌ پاران اڄ 6 اپريل تي سنڌ جي سمورن بيراجن تي ڌرڻا ھنيا ويندا، جي يو آءِ سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته اهي ڌرڻا "سنڌو بچايو – سنڌ بچايو” مهم جو حصو آهن، جن جو مقصد سنڌ جي پاڻي تي ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ آهي.ڌرڻا گڊو بئراج، سکر بئراج، لاڙڪاڻو-خيرپور پل، دادو-مورو پل، آمري پل، ڄامشورو پل، ٺٽو-سجاول دولھه درياءَ پل تي لڳايا ويندا، ڌرڻن کي علامه راشد محمود سومرو، مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مفتي سعود افضل هاليجوي، عبدالرازق عابد لاکو، مولانا محمد صالح الهداد، مولانا عبدالمالڪ ٽالپر، مولانا رمضان ڦلپوٽو، مولانا محمد اسحاق لغاري سليم سنڌي، ۽ ٻيا اهم اڳواڻ خطاب ڪندا.