ڏوڪري(رپورٽ: حسين آفتاب قاضي ) سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ خلاف ڏوڪري ۾ سنڌ سڀا، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ شيخ الائونس، نوجوان جتوئي اتحاد، سول سوسائٽي جي اڳواڻن محمد سچل شيخ، تنوير ڪولاچي، ظهير بسمل، شبير جتوئي، رياض جتوئي، ضمير خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چنا پل کان 3 ڪلو ميٽر مارچ ڪري ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ مٿان نوان ڪئنال اڏڻ سنڌي قوم کي فاڪا ڪشي ۾ مبتلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته پاڻي جي ماهرن واضع بيان ڏئي چڪا آهن ته نوان ڪئنال اڏڻ سان سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي ويندي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ مٿان نوان ڪئنال جو ڪم بند ڪيو وڃي.