ڪئنالن خلاف کڏڙي کان بدين تائين پي ٽي آءِ جي ريلي

بدين )رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) وفاقي حڪومت طرفان سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف تحريڪ انصاف جي سڏ تي نواب  ابوبڪر ٽالپر جي اڳواڻي ۾ شهر کڏهرو کان نڪتل ريلي مختلف شهرن تلهار ، پيرو لاشاري ۽ بدين جي شاهنواز کان ٿيندي ايوان صحافت اڳيان پھتي، جتي اڳواڻن عزيز ڏيرو غلام رسول ميمڻ، ارباب رفيق، بختاور جمالي ۽ ٻين طرفان ڌرڻو هنيو ويو، انهي موقعي تي ڌرڻي ۾ موجود پي ٽي آءِ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته موجوده وفاقي سرڪار سنڌو درياءَ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي اڄ سمورا سنڌ واسي روڊن تي نڪتل آهن ۽ وفاقي حڪومت سنڌ جي ماڻهن جو تماشو ڏسڻ ۾ پوري آهي، هنن چيو ته عمران خان جي حڪومت سنڌ جي ماڻهن کان سندن جياپي سنڌو درياءَ جو پاڻي ڪڏھن به نه کسيو هو پر موجوده حڪومت ۽ پيپلزپارٽي گڏجي سنڌو درياءَ تي ڌاڙو هڻڻ ڪوشش ڪئي آهي ۽ غير قانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ کي مڪمل سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.