ڪراچي (پ ر) سنڌو درياھ جي پاڻي تي ناجائز قبضي ۽ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌو درياھ بچايو تحريڪ عيد کانپوءِ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، سڀاڻي(اڄ) 3 اپريل تي گمبٽ ۾ هڪ وڏو احتجاجي جلسو منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ تحريڪ جو ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر سيد زين شاھ خصوصي طور شرڪت ڪندو، جڏهن ته 5 اپريل تي سڪرنڊ کان حيدرآباد تائين بيداري مارچ ڪيو ويندو جيڪو حيدر چوڪ حيدرآباد تي ختم ٿيندو جتي سيد زين شاھ، ڊاڪٽر صفدر عباسي،حليم عادل شيخ،اياز لطيف پليجو، ڪاشف سعيد شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا، 6 اپريل تي ڪراچي پريس ڪلب تي وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو جنهن ۾ حليم عادل شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا،7 اپريل تي پٽيشن داخل ڪرڻ جي حوالي سان نوابشاھ ضلعي جي مختلف شهرن ۾ دستخطي مهم جون ڪئمپون لڳايون وينديون جنهن ۾ هزارين ماڻھن جي شرڪت ڪرائي ويندي،8 اپريل تي ڀان سيدآباد ۽ سيوهڻ ۾ دستخطي مهم جي سلسلي ۾ ڪئمپون لڳايون وينديون ۽ جوهي ۾ احتجاجي جلسو ڪيو ويندو انهن سمورن پروگرامن ۾ سيد زين شاھ ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا،ٻئي طرف سيد زين شاھ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ظالم حڪمرانن عوام کي ان حالت تي پهچايو آهي جو عيد جا ڏينهن به احتجاج ۾ تبديل ٿي ويا آهن،عيدالفطر به احتجاج ۾ ملهائي وئي،سنڌ جي غيرتمند عوام،سياسي سماجي ڪارڪنن باشعور شاگردن، استادن، وڪيلن،هارين کي سندن بي مثال مزاحمت تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ صدر پاڪستان جي چالبازين کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي،