ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جو سربراهه سردار اختر مينگل اڄ احتجاج جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪندو، جڏهن ته سندس احتجاج ڇهين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي، سردار اختر مينگل بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن جي گرفتارين خلاف پوليس جي ڪاررواين خلاف وڍ کان ڪوئيٽا تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو، ڌرڻو هن وقت لڪ پاس تي جاري آهي، جتي صوبائي حڪومت جو وفد جنهن ۾ ظهور احمد بليدي، بخت محمد ڪاڪڙ ۽ سردار نور احمد بنگلزئي بي اين پي مينگل جي سربراهه سان ڳالهين لاءِ پهتا هئا پر کيس ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ قائل نه ڪري سگهيو،سردار اختر مينگل سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هو اڄ شام 5 وڳي نئين احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪندو،هن چيو ته گذريل ڏينهن حڪومتي وفد اسان جي جائز مطالبن تي ڳالهين لاءِ آيو هو، پر هنن وٽ آزاديءَ سان ڳالهائڻ جو اختيار نه هو، هن وڌيڪ چيو ته اهي صرف ’پيغام کڻي ايندڙ هئا، وٽس فيصلي جو ڪي به اختيار نه هئا ، جيڪو ’واقعي هن صوبي تي ڪنٽرول ڪندڙ ماڻهن وٽ آهي،بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل چيو ته اسين اڄ احتجاج جي ايندڙ مرحلي جو اعلان ڪنداسين، هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي يقين آهي ته هو اسان کي انهن ڳالهين تان هٽائي سگهن ٿا ته پوءِ واضح آهي ته انهن هڪ ڀيرو ٻيهر غلط اندازو لڳايو آهي، هن چيو گذريل رات کان بلوچستان ۾ نيٽ ورڪ ۽ فاءِ واءِ کي بند ڪيو ويو آهي، ان بليڪ آئوٽ جو مطلب مظلومن جو آواز دٻائڻ آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا سينيئر ميمبر ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيا هئا، پر کين منزل تي پهچڻ کان روڪيو ويو، هن چيو ته کڏا کوٽيا ويا آهن، وڌيڪ ڪنٽينر به رکيا ويا ۽ اضافي فورس مقرر ڪئي وئي آهي، حڪومت ان داغ کي ڌوئڻ جي لاءِ جيڪا به ڪوشش ڪري ٿي اها ان کي وڌيڪ داغدار ڪندي آهي.