صدر زرداري ڪورونا ۾ مبتلا، ڪراچي ۾ آئسوليٽ، ملاقاتن تي پابندي

ڪراچي(م ڊ) صدر مملڪت آصف علي زرداری طبيعت خراب ٿيڻ بعد ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل آهي، سندس ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري جي ڪورنا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي ان ڪري کيس آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي ملاقاتن تي مڪمل پابندي آهي، ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم صدر جو علاج ڪري رهي آهي، مڪمل مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب، صدر زرداري طبيعت خراب هجڻ ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي واري جلسي ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو، جلسي کان بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو، ياد رهي ته ٻه ڏينهن صدر آصف علي زرداری کي طبيعت خراب ٿيڻ تي نوابشاهه کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو، هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف صدر جي صحت بابت ڳڻتي ڪندي سندس صحتيابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو ته قوم صدر آصف علي زرداری جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.