اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس چيو آهي ته گرين پاڪستان انيشيئٽو سان زراعت ۾ جدت ايندي،اسان وڌيڪ جنسون پيدا ڪري سگهون ٿا،وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا کي شيون برآمد ڪري سگهون ٿا،هڪ پوڊڪاسٽ ۾ هن چيو ته نهري نظام 200 سال پراڻو آهي،ڇا هن صدي ۾ اسان ان نظام کي اڳتي وٺي سگهون ٿا؟ پاڪستان هن وقت موسمياتي تبديلين جو شڪار ملڪ آهي،هن چيو ته پنجاب شروع ۾ جڏهن ماڌوپور ڪئنال ٺاهيو ته تڏهن به سنڌ اعتراض ڪيو هو،هن ملڪ ۾ اهو نهري نظام جيڪو هڪ فصل لاءِ ٺاهيو ويو هو اتي ماڻهن ٽي ٽي فصل کڻڻ شروع ڪيا،ان ۾ جيڪي منڍ جا آبادگار هوندا آهن انهن کي ته پاڻي ملي وڃي ٿو پر ٽيل جي آبادگارن کي پاڻي نٿو ملي،هن چيو ته اسان نهري نظام ۾ جدت جو بنياد ڪئنال ٺاهڻ سان وڌو آهي جيڪو پڇڙي ۾ پاڻي نٿو پهچائي سگهي،ڊائون اسٽريم ۾ رهندڙن لاءِ مسئلا پيدا ڪري ٿو،توهان ماڊرنائزيشن ڏانهن ته نه ويا آهيو،هاڻي ته ڊرپ ايريگيشن به پراڻو نظام ٿي چڪو آهي،هن وقت هائڊرو پانڪس ۽ سوائل موسچر مئنيجمينٽ سسٽم اچي ويا آهن،هائڊرو پانڪس سسٽم لڳائيندڙ هڪ هڪ ايڪڙ مان 20 هزار ڊالر ڪمائي رهيا آهن،هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته چولستان ۾ ڪئنال ٺهن پيا يا نه،پر ڪجهه ان طرح جون وڊيوز وائرل آهن جن ۾ واهه ڪڍڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي،ان تي سنڌ ۾ احتجاج هلي رهيو آهي،درياهه ۾ هن وقت پاڻي به ناهي،ڊيم خالي ٿي ويا آهن،برساتون گهٽ پيون آهن،هن چيو ته انڊس رور سسٽم ۾ گليشئر ۽ انڊر واٽر اسٽوريج جو نظام آهي،اهو دنيا ۾ ڪٿي به ناهي،درياهه جي واري پاڻي سان ڀريل آهي،اهو پاڻي 500 ملين ايڪڙ فوٽ آهي،ان پاڻي سان توهان 100 تربيلا ڊيم ٺاهي سگهو ٿا،اهو پيئڻ جو قابل آهي،هن چيو ته گرين پاڪستان رٿا کي توهان ڪئنال کان بغير هلايو،اسان کي درياهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ٽيڪنالاجي کپي،ايس آءِ ايف سي وارن کي اها ڳالهه ٻڌائي وئي آهي، انهن اڃا تائين جواب ناهي ڏنو، هن چيو ته واپڊا پاران چولستان ۾ ڪئنالن جي رٿا آگسٽ 2023ع ۾ ٺاهي وئي هئي، 1500ڪلوميٽر ڊگهن ڪئنالن لاءِ اربين ڊالر قرض جي صورت ۾ ورتا ويندا، اهي پئسا عوام کان ئي وصول ڪيا ويندا،هن چيو ته ڇهه ست ارب ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ اڃا تائين بند پيو آهي،ان جي ڪو به احتساب ناهي ٿيو، هن چيو ته سنڌ جو ڪلچر پنجاب جي ڪلچر جي مقابلي ۾ گهڻو مٿي آهي ۽ گهڻو اڳتي آهي،سنڌي پنهنجي ثقافت سان جڙيل آهن،سنڌ جو ٻچو ٻچو ڀلي اهو مهاڻو هجي،شاگرد هجي يا پروفيشنل هجي اهو درياهه سان ڳنڍيل آهي،انهن جي درياهه سان محبت آهي،پنجاب ۾ بدقسمتي سان درياهه سان اها محبت ناهي،هن چيو ته پنجاب ۾ به انهن ڪئنالن سان پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه ملندو،چولستان ۾ آبادگارن کي ان رٿا تي خدشا آهن،هن چيو ته گرين پاڪستان ايڪسپورٽ وڌائڻ ۽ فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ آهي.