ڪراچي ۾معصوم ٻارڙو گٽر ۾ڪري ٻڏي فوت، وارثن جو احتجاج

مواڇ ڳوٺ(يار محمد بروهي)ڪراچي جي علائقي مواڇ ڳوٺ ۾ 3 ورهين جو ٻارڙو عبدالرحمان کليل گٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو، معصوم ٻارڙي جي وارثن لاش حب ريور روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻوهنيو،پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، ڪامياب ڳالهين کانپوءِ مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو ۽ روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙو کليل مين هول ۾ ڪري پيو ۽ فوت ٿي ويو، حادثي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

  1. شادي پلي ويجهو حادثو،ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت

شادي پلي(ن ع آ ) شادي پلي ويجهو پٿورو پراڻي شادي پلي روڊ تي ڳوٺ امام بخش نهڙي وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو ۔جنهن جي نتيجي ۾ مگهن موڙ جي ڳوٺ ڪامل راهمون جا رهواسي 2 سڳا ڀائر مراد ۽ رامچند پٽ سميئڙو  ڀيل ۽ آتڻا موري جي ڳوٺ خير محمد جو رهواسي منٺار پٽ محمد مڱريو ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۔جڏھن ته 2 نوجوان ساحل ۽ زاهد مڱريو شديد زخمي ٿي پيا ،شادي پلي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي پي پي ايڇ آءِ شادي پلي جي ايمبولينس ذريعي ميرپورخاص اسپتال پهچايا ،جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.