سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي خطرناڪ صورتحال، پنجاب ۾ ذخيرو !

ڪراچي(رپورٽ: خدا ڏنو شاھ) سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين  کوٽ 70 سيڪڙو تائين پهچڻ باوجود ارسا ۽ پنجاب ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته رڳو سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 78 سيڪڙو ٿي ويئي آهي، جنهن سان سنڌ جي آڳاٽي خريف جي فصل کي سئو سيڪڙو نقصان پهتو آهي، سرڪاري انگن اکرن توڙي دستاويزن موجب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ انتهائي خطرناڪ صورتحال تائين پهچي ويئي آهي، جيڪڏهن سنڌ کي حصي مطابق پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته فصل پري جي ڳالھه، پيئڻ جي پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿي ويندو، سرڪاري انگن اکرن موجب تربيلا ڊيم ۾ 17 هزار 300 ڪيوسڪ پاڻي آيو جتان فقط 15 هزار ڪيوسڪ تربيلا ڊائون ۾ ڇڏيو ويو، ٻه ڏينهن اڳ سنڌو درياھه ۾  آيل پاڻي کي تربيلا ۾ ۽ ڪابل جي پاڻي کي چشما بئراج وٽ روڪيو ويو ۽ جهلم درياھ جي پاڻي کي منگلا ڊيم ۾ جمع ڪيو ويو، منگلا ۾ ايندڙ پاڻي 20 هزار ڪيوسڪ هو، جتي 5 هزار ڪيوسڪ ڊيم ۾ جمع ڪري باقي سمورو 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي پنجاب کي ڏنو ويو آهي، ٻي طرف پنجاب سنڌو درياھ تان پڻ ٿل ڪئنال ۾ 3100 ڪيوسڪ، چشما رائٽ بئنڪ ڪئنال ۾ 3700 ڪيوسڪ پاڻي کنڌي تي کڻي رهيو آهي ۽ پنجاب کي لائين لاسز سميت پاڻي جي چوري سبب پيدا ٿيندڙ کوٽ کان مڪمل آجو قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي، پنجاب بلوچستان جي نالي تي ڪڇي ڪئنال ۾ پڻ سنڌو درياھ تان 400 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي، سنڌ ۾ شديد کوٽ باوجود تربيلا ڊيم ۾ 0.086 ملين ايڪڙ فوٽ، چشما بئراج جي اپ ۾ 0.121 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ منگلا ۾ 0.183 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو آهي، ٻي طرف پنجند وٽ منگلا ڊيم جو پاڻي 2500 ڪيوسڪ هجڻ باوجود سنڌ لاءِ هڪ قطرو به ناهي ڇڏيو ويو،گڊو بئراج وٽ پاڻي آمد 16 هزار 6 سئو 46 ڪيوسڪ آهي، گڊو جا سمورا ڪئنال بند هجڻ سبب سمور پاڻي هيٺ ڇڏيو ويو آهي، جيڪو سکر بئراج وٽ فقط 14 هزار 970 ڪيوسڪ پهتو آهي جنهن مان سکر بئراج جي ڪئنالن جي گهرج 34 هزار ڪيوسڪ هجڻ باوجود فقط 9 هزار ڪيوسڪ ڏنو ويو آهي ۽ 5 هزار 9 سئو ڪيوسڪ سکر ڊائون ۾ ڇڏيو ويو آهي، سکر بئراج جي ڪئنالن تي پاڻي جي کوٽ 78 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي آمد 4  هزار 670 ڪيوسڪ آهي جتان ڪوٽڙي بئراج جي ڪئنالن کي 6 هزار 200 ڪيوسڪ ڏيڻ بدران فقط 4 هزار 525 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪئنالن تي اپريل جي شروعاتي  ڏينهن ۾ پاڻي کوٽ 27 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي جيڪا ٻي ڏهي ۾ 40 سيڪڙو کان وڌي وڃڻ جو امڪان آهي، سنڌ جي ڏنل انڊينٽ 40 هزار ڪيوسڪ جي جاءِ تي ارسا فقط گذريل ڏينهن کان 32 هزار ڪيوسڪ پاڻي چشما کان ڇڏيو آهي، جيڪو گڊو تائين پهچڻ ۾ لائين لاسز ۽ چوري سبب وڃي 23 کان 24 هزار ڪيوسڪ تائين پهچندو جڏهن ته پنجاب کي سنڌو درياھ ۽ منگلا ڊيم مان کنڌي تي پاڻي ڏيئي لائين لاسز ۽ چوري واري پاڻي جي حساب کان آجو ڪيو ويو آهي، انگن اکرن موجب ملڪ جي سمورن درياهن ۾ پاڻي جي آمد 60 هزار 5 سئو ڪيوسڪ رهي ۽ صوبن کي 53 هزار 200 ڪيوسڪ ڏيئي 7 هزار 300 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ سبب ايندڙ ڪجھه ڏينهن ۾ فصل ته پري جي ڳالھه پر پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.