ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا) سنڌو درياهه تي ڌاڙو ھڻي 6 ڪئنال ٺاھڻ ۽ زمينن تي ٿيندڙ والار خِلاف احتجاج تيز ٿي ويو، سنڌين عيد خوشيون به سنڌو کي ارپيندي احتجاج ڪيو ۽ سنڌو جي تحفظ جو وچن ڪيو، ان سلسلي ۾ سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ عيدالفطر تي به آڪاش ملاح ۽ سماجي اڳواڻ محبوب ابڙو جي اڳواڻي ۾ قاسم آباد واري علائقي ۾ ريلي ڪڍيوئي، جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ عيد نماز بعد سمورن شھرن توڙي ڳوٺن ۾ نوجوانن پاران ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاھرا ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ڪلوئي ۾ احتجاج ڪري رٿا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ٺٽي ۾ ڪئنالن خلاف ڇتو چنڊ ويجھو پنج ميل موري تي عيد نماز بعد پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، وڏيرو ڀُٽو جاکرو، عبدالرحمان جاکرو، حسن رونجھو، جمعون ملاح، ممتاز جاکرو، افضل جاکرو، اشرف جاکرو، رشيد ھنڱورو، علي ھنڱورو، قادر ھنڱورو، نظام جاکرو، غلامي ھنڱورو جي اڳواڻيءِ ۾ پيادل مارچ ڪري نعريبازي ڪئي وئي، نئين ديري ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف عيد جي ٻئي ڏينهن سنڌو بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي نئون ديرو کان سنڌو درياهه جي ٻرڙا پتڻ تائين سوين ماڻهن خالد ڪوري، فياض ابڙو، عيسيٰ جتوئي، مقصود ميراڻي، راحيل ڪلهوڙو، سرتاج شيخ، علي رضا عباسي جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهن نٽهڻ اس ۾ 7 ڪلوميٽر مارچ ڪري ٻڙڙا پتڻ پهتا، جتي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو خصوصي طور تي شرڪت ڪئي، جونيئر ذوالفقار درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هڻايا ۽ خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال ٺهيا ته هي ماڻهو مري ويندا ان ڪري هي ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺاهڻ نه ڏيندا، اسان کي جيئڻ جو حق ڏيو، اسان سنڌي ماڻهن جون جانيون به قيمتي آهن، پاڻيءَ تي اسان جو ۽ اسان جي جانورن جو حق آهي، سنڌو درياءَ هڪ آهي اهو وهندو رهندو، ان کي ٽڪرن ۾ نه ورهايو وڃي ۽ قدرتي نظام سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي، اسان سڀئي سنڌي هڪ آهيون ۽ سنڌو درياءَ جا ٻچا آهيون ۽ سنڌ اسان جي امڙ آهي ۽ ان تي ڪئنال ڪڏهن به ٺاهڻ نه ڏينداسين. جيڪڏهن هي زبردستي ڪئنال ٺاهيندا ۽ اسان کي ماريندا ته اسان پنهنجا لاش اسلام آباد کڻي وينداسين، مان به عوام آهيان اوهان منهنجي ڪلهي چڙهي بيهو ڇاڪاڻ ته هي ملڪ اوهان جو آهي ۽ اوهان ان جا وارث آهيو، اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪري سنڌ ۽ درياءَ کي بچائڻو پوندو ۽ جدوجهد سان ئي اسان ڪامياب ٿينداسين، اسان 4 اپريل تي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ چوڪ تي ملهائينداسين، اسان 4 اپريل تي هندو برادري سان گڏجي يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائينداسين، ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ ته مختلف قوم پرست تنظيمن ۽ مذهبي جسقم، ايس ٽي پي، ايس يو پي، جماعت اسلامي، ايم ڊبليو، پي ٽي آءِ پاران گهنٽاگهر ۽ ٻين هندن تان احتجاجي مارچ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، ڪوٽڙي ۾ عيد جي پهرين ڏينهن قاري وزير مجاهدي، ديدار شام، صائب ميمڻ، ڌڻي بخش باريجو، مختيار لوهر جي اڳواڻي ۾ ڪاميسري باغ ڀرسان گيج آفيس وٽ سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ ٻيڙين تي چڙھي عيد نماز ادا ڪئي، سنڌو کي گلن جي ڀيٽا ڏئي اجتماعي دعا گهري وئي، ٻي پاسي ايڊووڪيٽ حيدرانڙ جي اڳواڻي ۾ شهرين بينر کڻي احتجاج ڪيو، عيد جي ٻئين ڏينهن تي ٻولهاڙي عوامي ايڪشن ڪميٽي پاران ميونسپل ٻولهاڙي جي وائيس چئيرمين منٺار خاصخيلي، اويس جانوري، حاجي واحد بخش چوهاڻ، ربنواز رند ۾ ريلي ڪڍي ڪوٽڙي المدينه چونڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو،