جيڪب آباد ( بيورو چيف) جي يو آءِ سنڌ جي قائدعلامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته ايم آر ڊي جي تحريڪ کان پوءِ ڪينالن خلاف تاريخي جدوجهد جاري آهي.سنڌوءَ تي ڪينال سنڌ جي حقن تي ڌاڙو آهن، جن کي ڪالاباغ ڊيم وانگر جدوجهد سان بند ڪرائينداسون.هن جي يو آءِ ضلعي جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، حاجي محمد عباس بنگلاني، بقا محمد ڇجن، نور خان ڇجن ۽ ٻين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي پاڻي تي قبضي جون ڪوششون ڪنهن به صورت قبول ناھن. غير قانوني ڪينالن جي تعمير سنڌ جي عوام سان کليل زيادتي آهي