ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي واپارين عيدالفطر سيزن کي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته خريداري جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي، واپارين موجب عيد سيزن دوران مارڪيٽن ۾ رش تمام گهڻي رهي پر مهانگائي سبب خريداري جي شرح گهٽ رهي، ايستائين جو رمضان المبارڪ جي آخري ڏهي ۾ پڻ واپاري خريدارن جي انتظار ۾ رهيا، ۽ صرف هڪ سال ۾ عيد تي وڪرو ٿيندڙ سامان جي قيمتن ۾ 40 کان 50 سيڪڙو اضافو ٿيو، عيدکان اڳ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري خريداري 25 کان 30 سيڪڙو گهٽ رهي.