ڄام مهتاب ڏهر شهريار شر سان ٺاهه ڪرڻ کان انڪاري

خانپورمهر/ اوٻاوڙو/ڏهرڪي(نمائندا ) ڄام مهتاب ڏهر شهريار شر سان في الحال ٺاهه ڪرڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٻه ڏينهن اڳ اڳوڻو صوبائي وزير باري پتافي، ميان رفيق احمد، سيد غلام شاهه، پ پ، ايم پي اي ممتازچانگ، گل محمد جکراڻي، ميان مجن ۽ پير آف سوئي شريف سميت معزز اڳواڻ، ڄام مهتاب ڏهر ۽ شهريار شر ۾ تڪرار نبيرڻ ڪرڻ جي سلسلي ۾ بشير آباد ۾ ڄام مهتاب ڏهر وٽ پھتا، جن کي ڄام مهتاب چيو ته منهنجو تعلق شريف خاندان سان آهي. پهريان جيڪي خوني تڪرار ڪچي ۾ هلن ٿا، انهن وٽ ڪو ميڙ منٿ قافلو نه ويو آهي. پهريان انهن برادرين وٽ وڃو، انهن جو ٺاھ ڪرايو. منهنجي ڏهر برادري ڪنهن جو خون نه ڪيو آهي، مون تي حملو ٿيو آهي. شر برادري جو ڪو خون لھڻو هو، منهنجو محافظ شهيد ٿي ويو آهي ان جي قبر جي مٽي اڃا سڪي ناهي ۽ مون سان گڏ شريف ماڻهو زخمي ٿيا آهن، پهريان ميڙ منٿ قافلو مون پھٽو آهي، مان پهريان پنهنجي برادري جي شهيد ٿيل ظفر ڏهر جي وارثن ۽ امن پسند غريب برادري سان صلاح مشورو ڪري پوءِ جواب ڏيندس، ان کان پوءِ قافلو شھريار شر جي رھائشگاھ ٻيروٽا پھتو، جتي شهريار شر قافلي کي چيو ته مان ٺاھ لاءِ راضي آھيان. جيڪو فيصلو اوھان ڪري ايندو، مون کي اوھان جو فيصو قبول هوندو، بعد ۾ اڳوڻو صوبائي وزير باري پتافي ميڊيا کي ٻڌايو ته آئون ٻنهي ۾ ٺاهه لاءِ هر طرح جي ڪوشش ڪندس، اسان سيلرا شر، دونڌو شر يا ٻيا جيڪي تڪرار هلندڙ آهن، انهن کي به ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪنداسين، علي گوهر خان به مون کي سٺي موٽ ڏني آهي، ڄام مهتاب ڏهر وٽ وري به ميڙ منٿ قافلي سان ويندس، ان کان اڳ امن قافلي خانڳڙھ جي گوهر پيلس پهچي سردار علي گوهر خان مهر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ڄام مهتاب ڏهر، شهريار  شر وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ مدد گهري، ان موقعي تي سردار علي گوهر خان مهر جو چوڻ هو ته جيڪي به واسطيدار ماڻهو آهن انهن کي امن جي بحالي لاءِ ضرور چوندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.