ڪوٽ لالو ۾ هاري ڪميٽي پاران ڪئنالن خلاف ريلي

فيض گنج (ظھير خاصخيلي) ڪوٽ لالو ۾ هاري ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌو درياھ مان نڪرندڙ غيرقانوني ڪئنالن خلاف  ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سوين ماڻهو شريڪ, ريلي هاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ پروفيسر مير منور ٽالپر مرڪزي نائب صدر مصطفٰي حسن بگهڙ امداد علي پرويز بگھڙ عبدالرحيم بگھڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي  ڪوٽ لالو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ويو, ان سلسلي ۾ مصطفي حسن بگهڙ، لطف علي، يامين چانگ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌو درياھ  مان نڪرندڙ غير قانوني ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيستائين ڪئنال منصوبو ختم نه ٿو ڪيو وڃي, احتجاجي تحريڪ جاري رهندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.