اسلام آباد(م ڊ( پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مهاجرن بابت اداري جي سربراهه فلپپا ڪينڊلز چيو آهي ته ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ واري پاڪستان جي فيصلي افغانين کي لوڏي ڇڏيو آهي، رحم جي پڪار، پاڪستان ۾ افغان مهاجرين ۽ اميد جي راهه جي عنوان سان پنهنجي پيغام فلپپا ڪينڊلز چيو ته پاڪستان ۾ 1.52 ملين رجسٽرڊ افغان مهاجر ۽ پناهگير افغان شهريت وارا رهي رهيا آهن، ان کان سواءِ وڏو تعداد اهڙو آهي جيڪو پاڪستان ۾ سرڪاري شناخت کان سواءِ رهي رهيو آهي، فلپپا ڪينڊلز وڌيڪ چيو ته گذريل هفتي ۾ هڪ افغان خاندان سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن کي ڏسي دل ڀڃي پئي ته اهي واپس وڃڻ تي ڪيترو ڊنل هئا. انهن جون اميدون ۽ خواب ڀڄي چڪا هئا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهري افردي قوت جو حصو آهن، جن ڪاروبار شروع ڪيا ۽ ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو حصو وڌايو،