ميانمار زلزلي ۾ فوتين جو انگ 1700 ٿي ويو، 300 لاپتا

ني پي تو (م ڊ) ميانمار جي فوج جي سربراهه ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي فون تي ٻڌايو ته 28 مارچ تي آيل زلزلي ۾ فوتگين جو انگ 1700 ٿي ويو آهي. زلزلي ۾ 3400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا جڏهن ته 300 کان وڌيڪ لاپتا آهن ۽ فوتگين ۾ واڌ جو خدشو آهي. ميانمار ۾ امدادي ٽيمون 7.7 شدت جي زلزلي سبب تباهه ٿيل عمارتن هيٺان ڦاٿل ماڻهن جي ڳولا ڪري رهيون آهن. ڊهي پيل عمارتن ۾ هوٽل، اسڪول، مسجدون ۽ گهر شامل آهن. ملڪ جي فائر سروسز ڊپارٽمينٽ موجب، جمعي تي آيل زلزلي جي مرڪز جي ويجهو منڊالي ۽ ساگانگ سميت ڪيترن ئي علائقن مان ملبي مان ماڻهن کي جيئرو ڪڍيو ويو جڏهن ته ڪيترائي لاش ڪڍيا ويا. ساگانگ شهر ۾، 36 ماڻهن کي بچايو ويو ۽ 88 لاش ملبي مان ڪڍيا ويا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته منڊالي ۾ 161 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن شهر جي ڏکڻ ۾ پياو ​​بوا ٽائون شپ ۾ عمارتون ڪري پيون. يو هالا ٿيئن مندر جي ملبي مان تيرهن راهبن کي ڪڍيو ويو آهي، هيل تائين 58 ڄڻن کي بچايو ويو ۽ 200 کان مٿي ڦاٿل آهن. ميانمار جي راڄڌاني، ني پي تو ۾ هڪ عمارت جي ملبي هيٺان 30 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين ڦاٿل رهڻ کان پوءِ هڪ بزرگ عورت کي بچايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.