تھوار نھ رڳو سماجي زندگيءَ جو اھم پاسو ھوندا آھن پر انھن سان سماجي اوسر کي بھ سمجھڻ ۾ مدد ملندي آھي.جيتوڻيڪ دنيا جي ھر انسان جو تھوار پاڻ سان گڏ خوشين جو خاصو خزانو کڻي ايندو آھي، پر ٽين دنيا جي ملڪن جي اڪثريت غربت جي عالمي معيار کان ھيٺ حياتي گھاري ٿي.جنھن ڪري ھر عيد انھن ماڻھن جي لاءِ ھڪ امتحان کان گھٽ نھ ھوندي آھي.
مھانگائي جي ڪري عام ماڻھون عيد جي خوشين ملھائڻ کان قاصر آھي،نھ رڳ ايترو پر ھن ڀيري رواجي زندگيءَ جي باقي وقت گذارڻ لاءِ پريشان ڏسڻ ۾ اچي رھيا آھن.واپارين جي دانھن آھي تھ اڳي رمضان جي پندرھين روزي بعد عيد جي سيزن شروع ٿي ويندي ھئي پر ھيل خريد ڪرڻ جي قوت گھٽ ھئڻ جي ڪري بازارون ويران آھن. ماڻھون خريداري ۾ گھڻي دلچسپيءِ نھ پيا وٺن.ھر حڪومت جيان ھن حڪومت بھ مھانگائي وڌائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏي آھي،رمضان جي ڀلاري مھيني کي عبادت ڪرڻ سان گڏ ڪمائي جو مھينو پڻ سمجھيو ويندو آھي.ان ڪري ھر واپاري توڙي وياج خور ، ايتري تائين جي سرڪار جا ڪجھ کاتا پڻ اھو ئي سمجھن ٿا تھ ھن مھيني ۾ سموري ڪسر پوري ڪجي. اھو سڀ ڪجهھ ٿيندو رھيو آھي. ملڪ ۾ ڀلاري مھيني جي آمد سان عام واھپي جي شين سان گڏ ڀاڄي بڪر سميت ڦل فروٽ غريب غربي جي پھچ کان پري ٿيو وڃن.
چون ٿا تھ تھوار ۽ ميلا ملاکڙا ماڻھن جي نفسيات تي اثر وجھن ٿا، ان سان معاشري جي تربيت ٿئي ٿي،ماڻھن جي ميل ملاقات سان مثبت رويا جنم وٺن ٿا.جنھن مان معاشي سرگرمي ۽ ثقافتي زندگيءَ جھلڪي ٿي.
عيدن ۽ تھوارن جو عقيدن، تصورات، تاريخ ،روايت سان گھرو تعلق ھوندو آھي. رسول الله صلي الله عليه وسلم جن مسلم امت لاءِ ٻه تھوار مقرر ڪيا، جن ۾ عيد الفطر ۽ عيد الاضحيٰ شامل آھن. انھن قديم تھوارن ۾اسلام جي توحيد،اصولن ۽ طرز زندگي جي ثقافتي روايت جي جھلڪ پسڻ ۾ ايندي آھي.
عيد لفظ”عود“ مان ورتو ويو آهي. معنيٰ آهي واپسي. ان ڪري هن ڏينهن کي عيد چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڏينهن وري وري ايندو آهي ڪجهھ اسڪالرن جي خيال ۽ راءِ آھي تھ الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن کي وري وري پنهنجي رحمت ۽ بخشش سان متوجهھ ڪري ٿو.
عيد دراصل ثواب آهي. الله تعاليٰ مسلمانن کي هڪ مهيني تائين کائڻ، پيئڻ ۽ صحبت ڪرڻ کان روڪيو آهي. دنيا ۾ سندس ثواب عيد جي خوشين جي صورت ۾ ڏنو وڃي ٿو.ان جو حقيقي اجر آخرت ۾ ملندو. عيد جو ڏينهن شڪراني ادا ڪرڻ جو بھ ڏينهن آهي.بندگي جي معنيٰ اها به آهي ته بندو الله جي حڪم جو پابند هجي.
اسلامي روح موجب خوشي هجي يا غم، انسان کي تهذيب ۽ شرافت جي دائري کان ٻاهر نه وڃڻ گهرجي.عيد جي موقعي تي ڪي عمل گھڻو منع ڪيل آھن. جيڪي اسلام جي روح جي خلاف ۽ آهن.جنھن ۾ اجايو شوشا ۽ ٻين کي ڪمتر سمجھڻ جا نڪتا اھم آھن. عيد جي بنيادي ضرورتن مان هڪ ٻين کي به پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪرڻ ئي عيد جو اصل روح آھي.
پاڻ سڳورن رمضان کي صبر ۽ صلح جو مهينو پڻ قرار ڏنو. روزو رڳو رکڻ ضروري نھ آهي پر روزي سان غريبن، مسڪينن ۽ پريشان ڀائرن لاءِ ڏک جو احساس پيدا ٿيڻ لازمي آھي.جنهن ۾ پاڙي وارن۽ غريب مائٽن لاءِ همدردي جو جذبو جاڳڻ گهرجي. عيد جو ڏينهن ان جذبي کي پرکڻ جو پهريون ڏينهن آهي.
عيد جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ عيدگاهه وڃڻ کان اڳ فطرو غريبن،مسڪينن ۽ مستحقن تائين پهچائڻ ضروري آهي.پاڙي وارن ۾ مسلمان ۽ غير مسلم ٻئي شامل آهن.غير مسلم پاڙيسري به اسان جي همدردي جا اوترو ئي مستحق آهن جيترو مسلمان پاڙيسري.
مولانا ابوالڪلام آزاد عيد جي ڏڻ ۽ فلسفي بابت فرمايو ته: عيد اها رسم آهي جيڪا مذهبي روح کي زنده ڪري ٿي. دين جي حاصلات کي دنيا آڏو پيش ڪري ٿي. عهد محبت ۽ خدائي عهد جي تجديد ڪري ٿي. جيڪڏهن اهو سڀني مسلمانن جي وچ ۾ سفارتڪاريءَ جو ڪم ڪري ته اهو بلاشڪ عيد آهي.عيد يعني خوشين جو ڏينهن، آھي جيڪو هر سال شوال المڪرم جي مهيني جي پهرين تاريخ تي عقيدت ۽ خوشين سان ملهايو ويندو آهي.
عيدالفطر! در حقيقت جزا ۽ ثواب جو ڏينهن آهي، هن ڏينهن تي الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن کي اجر، ثواب ۽ بخشش جي خوشخبري ٻڌائي ٿو. عيد الفطر جو ڏينهن گناهن جي بخشش ۽ رحمتن جو ڏينهن بھ آهي، جڏهن عيد الفطر جي رات جو نالو ليلة الجائزه (يعني ثواب ۽ برڪتن واري رات) آهي.
جيئن ته اسلام جو دين ”خير العين“ آهي ۽ امت محمدي ”خير الأمام“ آهي، تنهن ڪري عيد ملهائڻ جو طريقو به منفرد ۽ بهترين آهي. اسلام انسان کي ڪامل ۽ فطري هدايتون ڏئي ٿو، زندگيءَ ۽ موت، خوشي ۽ غم جي، هر رخ ۾ ڪي اصول ڏنل آهن.
ماڻهو پنهنجي پنهنجي انداز سان خوشي جو اظهار ڪندا هئا. هر قوم کي عيد ملهائڻ جو پنهنجو پنهنجو ڏينهن ۽ عيد ملهائڻ جو پنهنجو طريقو هوندو هو، پر حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن کان پوءِ عيد ۽ خوشيون ملهائڻ جو انداز ۽ طريقو بدلجي ويو.
عيد ان ماڻهوءَ لاءِ نه آهي، جيڪو صرف نوان ۽ قيمتي ڪپڙا پائي، خوشبوءِ لڳائي، پاڻ کي سينگاري ۽ مختلف قسم جا طعام وغيره حاصل ڪري، پر عيد ان شخص جي لاءِ آهي، جيڪو پرهيزگاري اختيار ڪري ۽ الله جي رضا حاصل ڪري. پنهنجي نيڪ عملن جي ذريعي ان کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ھجي.جنهن رمضان جي مهيني ۾نيڪ عبادتن جي ذريعي الله جا حق ۽ بندن جا حق ادا ڪيا ھجن.حقيقت ۾ عيد الفطر انهن خوش نصيب مسلمانن جي لاءِ آهي، جن مقدس مهيني جو صحيح معنى ۾ احترام ڪيو ۽ ان جا ڏينهن ۽ راتيون روزن سجدي ۽ عبادت ۾ گذاريون.قرآن پاڪ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اڳوڻيون قومون به عيد ملهائينديون ھيون.
اسان کي عيد اھڙي ريت ملھائڻ گھرجي جنھن ۾ پنھنجي پاڙي وارن ۽ پنھنجن بي پھچ مٽن مائٽن کي خوشين ۾ شريڪ ڪجي ۽ انھن سان نيازنوڙت سان پيش اچجي، اصل ۾ اھو ئي عيد جو فلسفو ۽ مطلب آھي.