بلوچستان ۾ ھاڻوڪي  بغاوت ۽ ان جو حل

تحرير:  ايوب ملڪ

تازو جعفر ايڪسپريس واقعي بلوچستان ۾ جاري بغاوت کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ ڪوئيٽا ۾ ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي خودڪش حملي ۾ عورتن سميت 21 ماڻهو شهيد ٿيا هئا. ان کان اڳ، بلوچستان جي ٽن تعليم يافته بلوچ عورتن مختلف خودڪش حملا ڪري، ڪيترن ئي ماڻهن کي ماري ڇڏيو. جنهن سان اهو تاثر اڀريو  ته بلوچستان ۾ تعليم يافته نوجوان سياسي صورتحال کان مايوس ٿي جبلن ڏانهن رخ ڪري رهيا آهن.

تاريخ جي مطالعي مان  پتو پئي ٿو ته جديد بيٺڪي طاقتن مختلف علائقن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته انهن پهرين مقامي ماڻهن کي  سندن  ٻولي ۽ ثقافت کان محروم ڪري ڇڏيو،ته جيئن انهن کي ثقافتي طور تي پٺتي پيل قرار ڏئي انهن جي علائقي تي قبضو ڪري سگهجي. پوءِ، انهيءَ ساڳئي سماج ۾ پنھنجي لاءِ سھولتڪار  پيدا ڪيا،جيڪي جديد بيٺڪي آقائن سان گڏجي، پنهنجن ئي ماڻهن جي آزادي لاءِ مزاحمت کي چيڀاٽڻ ۾ مدد  مھيا ڪندا ھئا. آئرلينڊ برطانيه جي سڀ کان پراڻي ڪالوني رھي آھي ۽ انگريز آئرش ماڻهن سان نفرت ڀريو سلوڪ روا رکندا ھئا ۽ انهن کي انسان نه سمجهندا هئا. جڏهن به برطانوي فوج کي موقعو مليو تھ آئرلينڊ  ۾ قتل عام ڪيو  ويو ۽ انهن جي مزاحمت کي بُري طرح  چٿيو ويو. پر انهن سڀني زيادتين ۽ قتل عام جي باوجود برطانوي حڪومت کي آءِآر اي سان  ڳالھيون ڪري آئرلينڊ جي مسئلن کي حل ڪرڻو پيو.ساڳئي طرح  تاريخ شاهد آهي ته اسپيني رياست کي به عليحدگي پسند باسڪي گروپ سان ڳالهيون ڪرڻيون پيون. جنھن مان پاڪستاني حڪمرانن کي به ان تاريخي عمل مان اھو سبق سکڻ گهرجي ته فوج ڪشي ۽ دهشتگردي ڪنهن به سماج کي اڳتي نٿا وڌائي سگھن. دنيا جي مختلف عليحدگي پسند تحريڪن جي مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيستائين ٻئي ڌريون پنهنجن مطالبن کان ٿورو پوئتي نٿيون ھٽن، تيستائين ڳالهين جو عمل شروع نٿو ٿي سگهي.

بلوچستان جي ساحلي پٽي ۽ وسيلن سان گڏ معاشي حقن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، پر بلوچستان جي مختلف حصن ۾ تازي بغاوت، جنھن جي شروعات  نواب اڪبر بگٽي جي شهادت سان ٿي هئي، ان کانپوءِ هزارين ماڻهن جي گمشدگين جو هڪ نھ کٽندڙ  سلسلو شروع ٿيو آهي ۽ اڄ اھا بغاوت بلوچستان جي هر ضلعي ۾ پکڙجندي پئي وڃي. بلوچستان جي تاريخ مان اھو سبق سکي سگهجي ٿو  هن سرزمين تي سياسي مسئلن جو حل بندوق جي نالي يا اربين رپيا خرچ ڪري پنهنجا سهولتڪار پيدا ڪرڻ ۾ نھ آهي. تاريخ شاهد آهي ته سماجي تبديلي جو سڀ کان وڏو محرڪ سياست ۽ صرف سياست ئي آهي، پر 2024 جي چونڊن کان پوءِ بلوچستان جي سياسي ڪارڪنن ۾ سياست کان لاتعلقي جو عمل سرايت  ڪري ويو آهي ڇاڪاڻ ته  حڪمرانن سياسي ڪارڪنن جي مقابلي ۾  پھريون ڀيرو مختلف مافيائن ڪامياب ڪرائي پنهنجن سهولتڪارن ۾ اضافو ڪيو آهي، جڏهن ته اڄ تائين بلوچستان ۾ اٿندر  سمورين بغاوتن  جو حل صرف ڳالهين ۾ ئي لڪيل رھيو آھي. ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ۽ سمي الدين جي قيادت ۾ بلوچ يڪجھتي ڪميٽي بلوچ عوام جي دلين ۾ گهر ڪري چڪي آهي. جيڪا ڪنهن به حالت ۾ هٿيار کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. انهن جي گرفتاري بلوچستان ۾ جاري بغاوت  واري ڪيفيت ۾ ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪري  رهي آهي. انهن حالتن ۾ عليحدگي پسندن کي ڳالهين لاءِ قائل نٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ رياستي حڪمرانن کي اعتماد سازي جو ھڪ اهڙو ماحول قائم ڪرڻو پوندو جنھن سان  اهو تاثر اڀري ڪري اچي تھ رياست بلوچ عوام سان  ھڪ ماءُ وانگر سلوڪ ڪرڻ چاهي ٿي. ان سلسلي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي اعتماد سازي جي ماحول کي سگھارو ڪري سگهي ٿي. اڄ بلوچستان ۾ هر نوڪري پئسن تي وڪرو ٿي رهي آهي ۽ هر پوسٽنگ لاءِ پئسا ورتا پيا وڃن، جيڪي اسلام آباد پهچي رهيا آهن. انهن قدمن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ قيمتي وقت ضايع ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪري تعليم يافته نوجوان وڌيڪ مايوس ٿي جبلن جو رخ ڪندا. ان سان گڏوگڏ رياست کي قبائلي نظام جي سرپرستي کي ڇڏي ۽ آبادڪاري (سيٽلمينٽ) جو نظام لاڳو ڪرڻ گهرجي. بلوچستان جا ماڻهو پٺتي پيل علائقي ۾ زندگيءَ گھاري رهيا آهن. اتي نه ته صنعتي زون آهن ۽ نه ئي مڇي مارڻ ۽ زراعت جي ترقي لاءِ ڪي حوصلا افزائي قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته ڏهاڪن کان شهرين جي زندگي جو گهڻو حصو ايران کان ايندڙ سامان تي ڀاڙي ٿو.ان واپار تي ٽيڪس لڳائي ڪري  ان کي ڪا قانوني شڪل ڏيڻ گهرجي.

اڄ گوادر پورٽ ۾ مقامي شهري نه رڳو روزگار کان محروم آهن، پر پورٽ جي آمدني جو 93 سيڪڙو چين ۽ 7 سيڪڙو وفاقي حڪومت ڏانھن وڃي  ٿو. هتي جي وڏي آبادي جو گذر بسر مڇي شڪار ۽ مڇيءَ جي واپار تي دارومدار رکي ٿي، جنهن لاءِ لازمي آھي تھ بين الاقوامي مڇي ماريندڙ  ٽرالرن تي فوري پابندي لڳائي وڃي.روڊ ۽ رستن، بجلي جو نظام، ڊيم ۽ پاڻي جي فراهمي جو  ھڪ سگھارو نظام جوڙي ترقي  اڳتي وڌايو وڃي. اڄ بلوچستان جي زمين مان 2200 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، جڏهن ته بجلي جي طلب 1800 ميگا واٽ آهي، پر ان جي مقابلي ۾ بلوچستان کي صرف 600 ميگا واٽ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. بلوچستان ۾ زمين ھيٺ پاڻي جي سطح تيزي سان وڌيڪ ھيٺ لھي رھي آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته جلد کان جلد مختلف قسمن جي ننڍن ۽ وڏن ڊيمن جي تعمير جو عمل شروع ڪيو وڃي، جنهن سان نه رڳو پاڻي جي سطح بلند ٿيندي پر زراعت کي به ھٿي ملندي. جيڪا بلوچستان جي 67 سيڪڙو ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو پڻ آهي. آغاز حقوق بلوچستان پيڪيج موجب مقامي آبادي کي سيندڪ ۽ ريڪوڊڪ رٿائن مان فائدو ملڻ گھرجي. هن وقت سرڪاري ۽ ٻين ادارن ۾ بلوچستان جو حصو 9 سيڪڙو آهي، پر ان معاهدي موجب به روزگار فراهم نه ڪيو پيو وڃي. اڄ قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان جي نمائندگي صرف 11 ماڻهن تائين محدود آهي، جنهن کي جيترو ٿي سگهي وڌايو وڃي ته جيئن  وفاقي سطح تي پڻ بلوچستان جي مسئلن کي سمجھڻ جو احساس ڏياريو وڃي. ٻين شهرن جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ بلوچ شاگردن کي پنجاب جي مختلف يونيورسٽين مان روزروز غائب ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ڪري اهي مسلسل خوف ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.

بلوچ شاگردن کي نواز شريف جي حڪومت تائين، سڀني پيشيور ڪاليجن ۾ وظيفو ڏنو ويندو هو، اهو وظيفو فوري طور تي بحال ڪيو وڃي. اهي قدم اعتماد وڌائڻ ۾ مدد ڏئي سگھن ٿا. جنهن کان پوءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز ۽ جلاوطن بلوچ اڳواڻن سان ڳالهين جو عمل اتان کان شروع ڪيو وڃي.جيڪو سلسلو ڊاڪٽر مالڪ بلوچ جي وڏي وزير جي دور ۾  ٽٽي ويو هو ۽ ان وقت 70 کان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ معاملن تي اتفاق راءِ ٿي وئي ھئي. پر پوءِ ڪجهه سگھارين قوتن ان عمل کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. اڄ 21 صدي ۾، اسان جي حڪمرانن کي اھو سمجھڻ  گهرجي ته "ھارڊ اسٽيٽ ” ٺاهڻ بدران  هڪ فلاحي رياست جو تصور اختيار ڪيو وڃي، جتي مختلف قومن کي برابري جي بنياد تي سياسي حق ڏئي ڪري هڪ مضبوط پاڪستان جي تعمير لاءِ رستو سڌو ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.