پشاور( م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته مردان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران عام شهرينجي مارجڻ جي گهڻ رخي انڪوائري ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪاٽلنگ ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران عام شهرين جي شهادتن جو واقعو قابل مذمت آهي، بئرسٽر سيف چيو ته ڪارروائي واري هنڌ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪجهه عام شهري موجود هئا، ڪارروائي ۾ غير مسلح ماڻهن جي مارجي وڃڻ تي افسوس آهي، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.