پيپلز پارٽي پاران تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي پاران سنڌو درياءَ تي چولستان ڪئنال سميت 6 ڪئنال جي منصوبي خلاف احتجاجي تحريڪ  شروع ڪرڻ ۽ 25 مارچ اڱاري تي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاجي ريليون ۽ مظاھرا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. اهڙو اعلان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پاران وقار مهدي ۽ عاجز ڌامراهه سان گڏ جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. نثار کهڙي جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي 25 مارچ اڱاري تي سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾  چولستان سميت 6 ڪئنالن واري تڪراري منصوبي خلاف احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪندي. هن چيو ته هو 6 ڪئنال منصوبي خلاف احتجاج ڪندڙ پارٽين ۽ عوام کي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ انهن جي جدوجهد جي حمايت ڪيون ٿا ۔ھن چيو ته سياسي جماعتن کان شڪايت آھي ته ڪنھن به جماعت پيپلز پارٽي تي الزامن کانسواء ڪينالن خلاف منطم احتجاج ناھي ڪيو. پيپلز پارٽي احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ سمورين سياسي پارٽين ۽ قومپرستن سان رابطا ۽ ملاقاتون ڪندي ته جيئن گڏيل جدوجهد ذريعي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻائجي. هن چيو ته ڪنهن به آئيني فورم جي منظوري کانسواءِ چولستان ڪينال جي اڏاوت شروع ڪري وفاقي حڪومت آمريت جي ياد ڏياري ڇڏي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي چيو ته صدر آصف زرداري ڪينال جي معاملي کي وفاقي حڪومت جو هڪ طرفو فيصلو قرار ڏئي ثابت ڪيو آهي ته صدر زرداري ڪينالن جي معاملي ۾ ملوث ناهي.  ھن چيو ته پيپلز پارٽي کان وفاقي حڪومت مان الڳ ٿيڻ جو مطالبو ته ڪيو ٿو وڃي پر پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جو حصو ناھي پر ڪينالن جي معاملي تي پيپلز پارٽي تي الزام ھڻي ملڪ ۾ قومي حڪومت قائم ڪرائڻ جي سازش ٿي رھي آھي ته جيئن ملڪ ۾ جمھوري حڪومت ختم ٿئي ۽ قومي حڪومت قائم ٿي سگھي ان لاء عوام ان سازش کي ناڪام ڪري۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.