ور ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي سوين ماڻهن جي ريلي، ”سنڌو بچايو“ جي گونج

گھوڙاٻاري (رپورٽ: سيد امير شاهه ڀاڏائي) سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنالن جي تعمير خلاف ۽ سنڌ جي پاڻي، زراعت، وسيلن ۽ قومي وجود جي تحفظ خاطر عوامي تحريڪ جي سڏ تي گھوڙاٻاري تعلقي جي مرڪزي شهر ور شهر ۾ هڪ شاندار، تاريخي ۽ قومي شعور سان ڀرپور احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪري ڌرتي ماءُ سان والهاڻا محبت جو اظهار ڪيو، ريلي دوران فضا سنڌو بچايو، سنڌ بچايو، پاڻي کپي، ڪئنال نه، سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جو حق ۽ وفاق جي پاڻي ڦرلٽ بند ڪريو، جهڙن نعريبازي سان گونجي اٿي، ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو جي صدر رزاق چانڊيو، تعلقي گھوڙاٻاري جي صدر الله بخش ٻروچ، سنڌي هاري تحريڪ  جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري دريا خان زئور، ضلعي صدر بلاول لاشاري، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي صدر غلام علي زئور، سجاڳ ٻار تحريڪ ضلعي صدر حميد خشڪ، عبدالله چانڊيو، مجاهد ٻروچ، علي اڪبر لاشاري، لال چند مهيشوري، آفتاب ٻروچ، نياز خشڪ، ربڏنو نوحاڻي، مارو خشڪ ۽ ٻين ڪئي، جن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال سنڌ جي تاريخي حقن تي سڌو سنئون ڌاڙو آهن، هي رڳو پاڻي جي ورڇ جو مسئلو نه آهي، پر سنڌ جي زراعت، معيشت، ۽ قومي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي هڪ خطرناڪ سازش آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.