بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو، بچل احمداڻي، رشيد گوپانگ، گيان چند مھيشوري، اصغر نوتڪاڻي، امام علي شاھه، سانول گوپانگ، ڌڻي بخش خاصخيلي، فراز شاھ، سنڌياڻي تحريڪ جي شازيا احمداڻي، چندا مھيشوري ۽ مومل سولنگي جي اڳواڻي ۾ سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻهن نظاماڻي پمپ کان پيادل مارچ مارچ ڪيو، جنهن بعد شھيد فاضل راهو چوڪ وٽ جلسو ڪيو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته پ پ ۽ ن ليگ وارا گڏجي ڪئنال ٺاهي پنجاب سائو ۽ سنڌ تباھه ڪرڻ چاھين ٿا، سنڌ جي ھڪڙي، ھڪڙي ڳوٺ ۽ شھر ۾ وڃون پيا، اتي مقامي نوجوان، سياسي ڪارڪن، اھل علم، اھل قلم، سڄاڳ ماڻھو نڪرن ٿا، اچن ٿا. ڀينرون نڪرن ٿيون، ھڪڙا ماڻھون آھن جيڪي لاتعلق آھن، جيڪي فقط پنھنجي زندگي پنھنجي ڪارڻ جيئڻ چاھين ٿا، ٻيا ماڻھو آھن جيڪي پنھنجي وطن ۽ قوم لاءِ جيئڻ چاھين ٿا، اھي نڪرن ٿا، ٻئي پاسي حڪمران وڏيرا آھن جن جون ھزارين ايڪڙ زمينون آھن، زراعت تان انھن جون اربين روپين جون ڪمايون آھن، اقتدار آھي، وزارتون آھن، جن وٽ ووٽ آھن ھارين جا، اھي جاگيردار حڪمران نه رُڳو لاتعلق آھن، بلڪه اھي مخالف ٿي بيٺا آھن، اھي غير جانبدار ٿي گڏ ٿيڻ بدران مخالف آھن ته توھان ڇو نڪتا آھيو؟، اسين پيغام اھو ڏيڻ نڪتا آھيون ته مايوس ناھي ٿيڻو، اھو ناھي سوچڻو ته ڪئنال ٺھي ويا، ڪم جاري آھي، مري وياسين، تباھ ٿي وياسين روڄ راڙو پٽڪو نه، پر اسين چئون ٿا ته اچو ھمت ڪريون، اھي ڪئنال گڏيل همٿ سان پاڻ روڪينداسين، ماڻهو چوندا ڙي ڦلاڻا، ڪئنال ته ٺھن پيا، چئون ٿا ابا، ٺھڻ لاءِ ته ڪالاباغ ڊيم به ٺھيو پئي نه؟ ھي سنڌ جو شعور اوھان کي پاڻي تي ڌاڙو ڪونه ھڻڻ ڏيندو، روڄ راڙي بدران مقابلو ڪبو، شڪست جي پِٽڪي ڪرڻ بدران فتح ڏانھن مارچ ڪبو، هن چيو ته سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، جنھن ڪري سنڌ جي زرعي معيشت تباھه ٿي وئي آهي.