بدين )رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) وفاقي حڪومت طرفان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم جساف جي ڪارڪنن جو ٽنڊوباگو کان نڪتل پنڌ قافلو 30 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري ايوان صحافت بدين پهتو، جتي انهن غير قانوني نڪرندڙ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو، ان دوران، ڪارڪنن وفاقي حڪومت تي الزام هڻي، ان جي سازشن کي رد ڪيو ۽ سنڌو درياءَ مان غير قانوني نڪرندڙ ڪئنالن جي منصوبن جي خاتمي جو مطالبو ڪيو، جسقم جساف جا اڳواڻ سليمان جروار، صدام چانڊيو، سجاد شاهه، طفيل جمالي ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت سدائين سنڌ خلاف سازشون ڪري رهي آهي ۽ هن وقت ڪئنالن جي نئين سازش ڪري رهي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌو درياءَ کي بچائڻ ۽ غير قانوني ڪئنالن جي منصوبن جي خاتمي لاءِ سخت احتجاج ڪيو ويندو.