ٽي لک ٻوڏ متاثرن کي گهرن لاءِ زمين الاٽ، مالڪاڻا حق ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ پيپلز هاؤسنگ منصوبي جي تيزي سان مڪمل ٿيڻ کي خوش آئيند قرار ڏنو  ۽ چيو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان لکين بي گهر خاندانن کي مستقل ڇت ملي سگھي ٿي، سنڌ پيپلز هاؤسنگ اسڪيم جي ڪارڪردگي بابت بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه ۽ چيف سيڪريٽري پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس دوران بلاول چيو ته پ پ هر دور ۾ عوام جي خدمت لاءِ اهڙا غير معمولي قدم کنيا آهن، اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي منصوبي جي پيشرفت بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته هاڻي تائين 20 لک کان وڌيڪ متاثرن جي تصديق مڪمل ڪئي وئي آهي، 11 لک 45 هزار بينڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن ۽ 10 لک 20 هزار ماڻهن کي مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي، هن منصوبي جو مقصد بي گهر ماڻهن کي پناهه فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي مالي مدد ذريعي پنهنجا گهر تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 6 لک 60 هزار گهرن جا بنياد مڪمل ٿي چڪا آهن، 4 لک خاندان مڪمل تيار ٿيل گهرن ۾ منتقل ٿي چڪا آهن، سنڌ حڪومت سرڪاري زمين تي 3 لک 1 هزار 442 خاندانن کي رهائشي زمين الاٽ ڪرڻ جو عمل پڻ مڪمل ڪري چڪي آهي، بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني وئي ته ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ٻن هفتن اندر زمين جي مالڪاڻن حقن جي ورڇ جو عمل شروع ڪيو وڃي ۽ گهرن کي مقامي ضرورتن مطابق ڊيزائن ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ رڌڻي، باٿ روم ۽ صحن جهڙيون سهولتون پڻ شامل آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.