اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس يحيٰ خان آفريدي جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ کان 2 جج آڻڻ جي معاملي تي چیف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي 8 اپريل تي اجلاس طلب ڪيو آهي. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ 2 وڌيڪ ججز آڻڻ تي غور ڪيو ويندو، ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ کان 2 ججز سپريم ڪورٽ ۾ آڻڻ تي بحث ڪيو ويندو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنجن سينئر ججز کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ غور ڪيو ويندو.