اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان خلاف لانگ مارچ جي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان جي پيش ٿيڻ تي به پڇاڻو ڪيو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني آئيني بينچ عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان جي پيش ٿيڻ تي پڇاڻو ڪيو. جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي ته اٽارني جنرل آفيس پراسيڪيوٽر آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته ان ڪيس ۾ سينيئر وڪيل سلمان اسلم بٽ کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. سلمان اسلم بٽ اڄ موجود ناهي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته توهين عدالت ڪيس ۾ درخواستگذار جو ڪم رڳو ڄاڻ ڏيڻ آهي، ڄاڻ عدالت تائين پهچي چڪي آهي، هاڻي حڪومت جو ڪم ختم ٿي ويو آهي.
-
وزيراعظم شهباز شريف پاران مسجد نبوي ۾ جمعي جي نماز ادا
مدينو( م ڊ) سعودي عرب جي دوري تي ويل وزيراعظم شهباز شريف مسجد نبوي ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف جمعي جي نماز کانپوءِ عمرو ادا ڪرڻ لاءِ وفد سان گڏ ٽرين ذريعي مڪي روانو ٿي ويو، واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف 4 ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ۾ آهي جتي هن ڪالهه جده ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان به ملاقات ڪئي هئي.