ڪوٽ غلام محمد (رپوٽر: شڪيل خاصخيلي)سنڌو تي ڌاڙو ۽ پاڻي جي چوري خلاف ڀڳت ڳوٺ کان نيشنل پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد تائين تاريخي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو, ريلي دوران حڪومت خلاف سخت نعريبازي, جيڪڏهن غير قانوني ڪئنال بند نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ جي غيرتمند عوام روڊن تي ھوندي, مظاهرين جو اعلان ، خبر موجب: سنڌو درياءَ مان پاڻي چوري ڪرڻ ۽ 6 ڪينالن جي غيرقانوني ڪٽڻ خلاف سنڌ شاگرد سڀا ڪوٽ غلام محمد جي اڳواڻن اياز ڪالرو , منصور ڪالرو , ۽ ٻين قوپرستن جي اڳواڻي ۾ ڀڳت ڳوٺ کان سوين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن ۾ مختلف برادرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن حڪومت خلاف شديد نعريبازي ڪندي سنڌو تي ٿيندڙ ڌاڙن جي مذمت ڪئي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پاڻي جي چوري فوري طور بند نه ڪئي وئي.