اسٽيبلشمينٽ ٻُڌي ڇڏي، ڪنهن جو حصو ناهيون : قادر مگسي

حيدرآباد ( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 34 يوم تاسيس جون تقريبون سڄي سنڌ ۾ ٿي گذريون جڏهن ته مک تقريب ترقي پسند ھائوس حيدرآباد ۾ ٿي، جنهن کي آمريڪا مان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي  ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياهه آهي، هنن حڪمرانن کي سمجهڻو پوندو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه کي سڪايو ويو ته سنڌ اجتماعي قبرستان بڻجي ويندي، سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه جي بقاءُ لاءِ ساھه جي آخري هڏڪي تائين جدوجهد ڪندا، هن چيو آئون ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن ۽ پنهنجي جياپي جي جدوجهد سياسي طريقي سان ڪري رهيا آهن ڪندا رهندا، هن چيو ته اسان ڪنهن عالمي ايجنڊا جو نه حصو رهيا آهيو ۽ نه وري ٿينداسون پر اسان صرف پنهنجي حقن ۽ جياپي جي لاءِ جدوجهد ڪريون پيا ان کي سنڌ کي پنهنجا حق ڏنا وڃن ۽ سنڌ کي ڀت سان نه لڳايو وڃي، سنڌ جون سرڪاري خالي پيل زمينون بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن اسان هڪ انچ به هن ڌرتي جو ڪنهن کي ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهيون،.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.