وزيرن جي پگهارن ۾150سيڪڙو واڌ،نئين پگهار 5 لک 19 هزار ٿي وئي

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)وفاقي ڪابينا ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي پگهارن ۾ 188 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، وفاقي وزيرن پنهنجي ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ واڌ جي سمري منظور ڪري ورتي، سمري سرڪوليشن ذريعي منظور ڪئي وئي،  پگهارن ۾ واڌ جي سمري وفاقي وزيرن ۽ وزيرن جي اسٽيٽ الائونس اينڊ سيلري ايڪٽ 1975ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين بل جي منظوري کانپوءِ وفاقي وزير، مملڪتي وزير ۽ صلاحڪارن جي پگهار 5 لک 19 هزاررپيا ٿي ويندي، ذريعن موجب وفاقي وزيرن جي پگهارن ۾ 159 سيڪڙو جڏهن ته مملڪتي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي پگهارن ۾ 188 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان کان اڳ وفاقي وزيرن جي پگهار 2 لک ۽ مملڪتي وزيرن جي هڪ لک 80 هزار رپيا هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.