ڪئنالن خلاف احتجاج جي ڪيس مان 4 ڄڻن جي ضمانت

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي عدالت، سنڌو درياهه مان ڪئنالن ڪڍڻ خلاف حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي احتجاج ڪرڻ تي داخل ايف آءِ آر ۾ نامزد 7 ڄڻن مان 4 ڄڻن جي عبوري ضمانت منظور ڪري  ورتي آهي. حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج غلام شاھه جي عدالت ۾ 4 درخواستگذارن شبير سنڌي، فھد باغي، زين ناھيون ۽ مير ناھيون عبوري ضمانت لاءِ پنھنجي وڪيل ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو ۽ ايڊووڪيٽ شڪيل احمد معرفت درخواستون داخل ڪرايون، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عبوري ضمانت منظور ڪندي 10-10 ھزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو، واضح رھي ته ٽنڊو ڄام پوليس حيدرآباد ميرپورخاص روڊ بند ڪرڻ جي ڏوھه ۾ 7 ڄڻن کي نامزد ڪري ڪيس داخل ڪيو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.