ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت صحافي فرحان ملڪ کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو،ايف آءِ اي طرفان صحافي فرحان ملڪ کي ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، فرحان ملڪ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فرحان ملڪ خلاف اڳ به انڪوائري هلي رهي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پهرين به ڪارروائي نه ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، ايف آءِ اي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، واضح رهي ته فرحان ملڪ مشهور صحافي، ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارم رفتار جو باني ۽ سما ٽي وي جو اڳوڻو نيوز ڊائريڪٽر آهي، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ڪراچي فرحان ملڪ کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو هو، فرحان ملڪ خلاف اها جاچ گذريل 3 مهينن کان هلي رهي هئي.