غيرقانوني ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ٿيو ته پنجاب جا روڊ بند ڪنداسين: نياز ڪالاڻي

ڀريا/ ڀرياسٽي (رپورٽ: مير محمد  سهتو/ مجيد ڪيريو) جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي ڊيٿ وارنٽ تي پنجاب صحيح ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين اڳئي غيرآباد هئي هاڻ سنڌ کي وڌيڪ بنجر بنائڻ لاءِ سنڌو دريا مٿان غيرقانوني طور ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، پيپلزپارٽي هڪ پاسي رڙيون پئي ڪري ته اسان ڪئنالن خلاف آهيون ته ٻئي پاسي واري احتجاج ڪندڙ قومي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيا پيا وڇن، هاڻ اهو ٻٽو نظام نه هلندو، پنجاب پاران ڏاڍ مڙسي ڪري سنڌو دريا مٿان غيرقانوني ڪئنال ڪڍيا پيا ون، سنڌي ماڻهون ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺهڻ نه ڏيندو، عيد کان بعد وڏي تحريڪ هلائي ويندي، پنجاب ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏينداسين،  ان موقعي تي پنهل ساريو، عاطف راھوجو، حنان عباسي، اياز راڄپر، فريد لاشاري ۽ احسان سيال موجود ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.