جھڙي طرح تاريخ ڏاڍي بيرحم رهي آهي، ڪير ڪيڏو به معتبر ڇو نه ھجي، تاريخ جي ليکي چوکي کان بچي نٿو سگھي، مستقبل جي تاريخ پاڻ فيصلو ڪندي آهي، ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ واري تاريخ پنھنجن ورقن ۾ ڪيترائي عظيم ڪردار ظاهر ڪيا. بچو بادشاهه پهرين حُر تحريڪ جو هيرو هو، جيڪا انگريزن خلاف 1870ع کان 1898ع تائين هلي هئي.
هِن جو اصل نالو بچل خاصخيلي هو، هو حُر تحريڪ جي ويڙهاڪ وريام فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾، موجوده سانگهڙ ضلعي مٺڙائو ڳوٺ ۾ ڄائو هو، بچو بادشاهه پَنهنجي ساٿين سان گڏجي مکي ٻيلي جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ انگريزن جي عملداريءَ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اُهو سَڄو علائقو موجوده دور جي زبان ۾ ڄڻ ته انگريزن لاءِ ”نوگو ايريا“ بڻجي چڪو هو. هُن پَنهنجي ساٿي پيرو ڪاسائي عرف پيرو وزير (جيڪو ناري، خيرپور ميرس جو رهاڪو هو) سان گڏجي انگريزن خلاف زبردست ڪارروايون ڪيون ۽ مقامي ماڻهن کي هدايت ڪئي ته اُهي انگريزن کي ڍل ۽ ٻيا ٽئڪس نه ڏين. انگريز سرڪار پير حزب الله شاهه ”ڪوٽ ڌڻي“ تي دٻاءُ وڌو ته هُو باغين کي پيش پوڻ لاءِ مجبور ڪري. انگريزن بچوءَ جي ڏاڍي ڳولا ڪئي، سندس پيءُ وريام کي گرفتار ڪيو، جيڪو قيد جي تشدد ۾ گذاري ويو. بچو بادشاهه 1896ع ۾ گرفتار ٿيو، کيس عيسيٰ ڏاهريءَ سان گڏ ميرپورخاص موڪليو ويو، جتي انگريز جج ڪيس هلائي کيس ڦاسيءَ جو حڪم ڏنو، سندس گرفتاريءَ جي هڪ مهيني کانپوءِ کيس سانگهڙ ۾ سرعام ڦاسي ڏني وئي. بچو بادشاهه جي شھادت کانپوءِ حُر تحريڪ کي ڪچليو ويو ۽ ڪيئي سال ماٺ ويھي رھي. اُن کانپوءِ 1922ع ۾ سيد صبغت الله شاهه ثاني (سورھيه بادشاھ) 12 ورهين جي عمر ۾ پنھنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ پاڳارو ٿيو.
هِن ننڍي عمر واري پاڳاري تي به انگريز سامراجيت جي ڪڙي نظر هئي ته کيس پَنهنجو حمائتي بڻائجي، اُن لاءِ پَنهنجا آفيسر ۽ حڪومتي ڪارندا اُن ڪم تي لڳائي ڇڏيا، پر پير صاحب ننڍي ڳڀرو نوجوان عمر ۾ ئي فيصلا پنهنجي ذهن سان ڪرڻ لڳو ۽ حُر تحريڪ کي منظم ڪرڻ لڳو ۽ بنگلي ۾ لڳل فريم ٿيل هڪ انگريزن جو آفرين نامو لهرائي ڇڏيائين ۽ اُن لاءِ چيائين ته اسان جا وڏا به ڏاڍا سادا هئا، پاڻ هِن ڌرتيءَ تي بادشاهه هوندي ڌارين جي مليل آفرين نامن جي ڪهڙي ضرورت هئي. اُها ڳالهه به انگريز سرڪار تائين وڃي پهتي ۽ پوءِ هڪ سازش تحت 1929ع ۾ پير صاحب کي پير ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو، الزام لڳايو ويو ته هڪ نوجوان کي اغوا ڪري پنهنجي ڪوٽ ۾ رکيو ۽ غير قانوني هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ آيا آهن، اُهو ڪيس روهڙيءَ جي سول ڪورٽ ۾ هليو. پير صاحب پاران وڪيل محمد علي جناح صاحب هو، جنهن ٻن شنوائين کانپوءِ ورتل فيس واپس ڪري ڪيس وڙھڻ ڇڏي ڏنو ۽ سرڪار پير صاحب کي هيسائڻ لاءِ 8 ورهين جي سزا ڏئي هندستان جي رتناگري جيل موڪلي ڇڏيو ۽ حُر مجاهدن کي طرح طرح جون سخت سزائون ڏنيون ويون. پير صاحب جي گرفتاريءَ ۽ سزا اچڻ ۽ حُرن تي ڏاڍ، ظلم، ۽ جبر ڪرڻ سبب نفرت وڌي وئي. رتناگري جيل ۾ پير صاحب جي بنگال جي قومپرست اڳواڻ سڀاش چندر بوس سان رابطو ۽ ملاقاتون ٿيون ۽ پاڻ انگريزن سان گوريلا ويڙهه وڙهڻ جو پڪو پهه ڪيائين.
پير صاحب 25 نومبر 1936ع تي سزا ڪاٽي آزاد ٿي آيو ۽ حُر مجاهدن کي منظم ڪري هڪ جماعت ٺاهي وئي، جنهن کي ”فرق وارا“ ڪوٺيو ويندو هو، هنن جو نعرو هنيو ”وطن يا ڪفن، آزادي يا موت“ هِن جماعت جي غازين کي گوريلا ٽريننگ به ڏياري وئي، جيڪا سڀاش چندر بوس جي ماڻهن ڏني ۽ راجپوتانه رياست جي حڪمرانن حُرن جي تحريڪ لاءِ هٿيار ڏيڻ جي به مدد ڪئي. جماعت کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو ويو ته جماعت جي اندر کان يا ٻاهريون ڪوبه دشمن لاءِ مخبري ڪري ته اُهو موت جو حقدار هوندو، اهڙا سخت فيصلا ڪري پير صاحب حُر مجاهدن کي پورو پروگرام ڏئي هدايتون ڪيون ته تحريڪ مُنهنجي گرفتار ٿيڻ تي رڪجي نه بلڪه پَنهنجي پروگرام موجب هلندي رهي. حُر مجاهد غازين انگريز فوج ۽ پوليس چوڪين تي حملا شروع ڪري ڇڏيا ۽ اُن سان گڏ مخبرن کي سيکت ڏيڻ شروع ٿي وئي. انگريز ٻي مها ڀاري جنگ ۾ مصروف هو ۽ سنڌ ۾ حُر مجاهدن جون ڪارروايون کين گهڻو پريشان ڪري رهيون هيون، جنهن ڪري وڏي پئماني تي تحريڪ کي چٿڻ لاءِ پير صاحب کي ڪراچيءَ ۾ 1941ع ۾ نظر بند ڪيو ويو، پر پير صاحب خيرپور نڪري ويو ۽ پوءِ کيس خيرپور رياست جي مدد سان گرفتار ڪري صوبي کان ٻاهر جيل موڪليو ويو، پر پير صاحب پنهنجي جماعت کي هدايتون ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ حُر تحريڪ وڌيڪ تيزيءَ سان ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. مجاهدن پاران پاڻيءَ جا ڪئنال ٽوڙيا ويا، ريلوي اسٽيشن تي حملا شروع ٿي ويا، سرڪاري ايجنٽن ۽ مخبرن کي قتل ڪرڻ سان گڏ سرڪاري مال متاع ڦرڻ ۽ تباهه ڪرڻ جون ڪارروايون زور وٺي ويون. ٻئي طرف سرڪار عام حُرن جون گرفتاريون ڪري جڙتو ڪيسن ۾ سخت سزائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، پر مجاهدن به سخت گوريلا ڪارروايون شروع ڪري سرڪار کي اپاهج ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪئي. اهڙيءَ ريت 20 مئي 1942ع تي ڪراچيءَ کان لاهور ويندڙ فوجي ريل گاڏي لاهور ميل کي حيدرآباد اسٽيشن کان اڳتي پٽڙيون اُکاڙي تباھ ڪيو ويو ۽ ڪريل ريل گاڏيءَ ۾ مسافرن ۽ فوجين جو قتلام ڪيو ويو، هِن حملي ۾ 32 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 کن زخمي ٿيا، هي حُر مجاهدن جي وڏي ڪارروائي هئي، جنهن کانپوءِ 2 ڀيرا ٻين ريل گاڏين تي به حملا ٿيا، پر اُهي تباھ ٿيڻ کان بچي ويون. سڄي سنڌ مارشل لا لڳائي وئي، ويڙهاڪ حُر مجاهدن جي خاص علائقن ۾ ڪرفيو لڳائي سرڪار پاران ڪارروائي ڪئي ويندي هئي ۽ مجاهدن تي هوائي حملا ڪري کين شهيد ڪيو ويندو هو ۽ عام گهريلو فقيرن (مريدن) کي گرفتار ڪري اُنهن جي گهرڀاتين کي هزارن جي تعداد ۾ لوڙهن ۾ قيد ڪيو ويو. سانگهڙ ۾ پير صاحب جي گڙنگ واري بنگلي جيڪو مجاهدن جو مرڪز هو، اُن کي بارود سان اڏايو ويو، آسپاس گهرن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي آزاديءَ جي هِن تحريڪ کي وڏو نقصان پهچائي مجاهدن کي هيسائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي. پير صاحب جي پير جو ڳوٺ وارو پڪو ڪوٽ بارودي سرنگهن سان ڪيرايو ويو ۽ حويليءَ کي پڻ بارود سان تباهه ڪيو ويو ۽ اُتي خزانو هٿ ڪرڻ لاءِ کوٽايون ڪرايون ويون، پر کين ڪوبه خزانو هٿ نه آيو. درگاھ جي مسجد، مقبرو ۽ ڪوٽ جو اڳيون حصو ڇڏي ڪري باقي هر هنڌ تباهي ڪئي وئي ۽ پوءِ پير صاحب کي هندستان کان جهاز ذريعي حيدرآباد آندو ويو، جتي جيل اندر مارشلا ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، جنهن ۾ پردي پويان هٿرادو شاهديون ڏياريون ويون ۽ پير صاحب کي معافي نامي لاءِ چيو ويو، جنهن کان پير صاحب کتو جواب ڏيندي چيو ته ”وطن جي آزاديءَ جا عاشق معافي نامن تي دستخط نه ڪندا آهن“ مون ڪوبه ڏوهه ناهي ڪيو ۽ پوءِ کيس 20 مارچ 1943ع تي مارشلا ڪورٽ پاران سزاءِ موت ٻڌائي شهيد ڪيو ويو ۽ سنڌ جو سورهيه بادشاهه هميشه هميشه لاءِ امر ٿي ويو. سندس دفن ٿيڻ واري جاءِ کي راز ۾ رکيو ويو ته جيئن سندس جماعت کي هِن جي مزار تي گڏ ٿيڻ جو موقعو نه ملي، جنهن جي اڄ تائين ڪابه ثابتيءَ واري خبر پئجي نه سگهي آهي. حُر مجاهدن سورهيه بادشاھ جي شھادت قبول نه ڪئي ۽ چوندا رهيا ته اسان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انگريزن جي هيءَ چال آھي، سورهيه بادشاھ زندھ آھي، اسان انگريزن کان سنڌ آزاد ڪرائڻ لاءِ وڙھندا رهنداسين ۽ هنن پنهنجون ڪارروايون جاري رکيون.
پير صاحب جي ٻنهي فرزندن کي جيڪي اڳي ئي نظربند هئا، اُنهن کي اُنهيءَ حيثيت ۾ تعليم لاءِ برطانيا موڪليو ويو، جيڪي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هتي جي حڪومت جي گهر تي واپس آندا ويا ۽ گادي بحال ٿي. حُر مجاهدن تي ڪيس هلائي ختم ڪيا ويا. اصل ۾ ٻي مھا ڀاري جنگ سان گڏ حُر تحريڪ پوري برصغير ۾ انگريزن خلاف سڀني کان وڏي گوريلا جنگ هئي، جنهن انگريزن کي هن خطي ۾ گهڻو ڪمزور ڪيو ۽ هنن پوري برصغير مان هٿ پٽي پاڻ کي آجو ڪيو. انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ به پاڪستان ۽ هندستان جي 1965ع يا 1971ع وارين جنگين ۾ حُر مجاهد هندستان پاران ٿيل حملن ۾ سنڌ جي سرحدن جي بهادريءَ سان حفاظت ڪندا رهيا آھن. سنڌ جي سورمن هنن حُر مجاهدن جي بهادري ۽ قربانين جا تمام گهڻا واقعا آھن، جيڪي تاريخ جي رڪارڊ تي آڻڻ گهرجن، جيئن سنڌ ڌرتيءَ جا وارث پنھنجن قومي ھيروز جي آزاديءَ ۽ حشمت مان سبق حاصل ڪن ۽ قوم لاءِ پاڻ پتوڙيندا رھن.