بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، سو ناقص پاليسين جو نتيجو آهي

تحرير: زاهد حسين

ملڪ ۾ ُپرتشدد حملن جي تازي لهر اقتدار جي ايوانن کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، پر اڃا بھ  غلطين جي نشاندھي ۽ انهن کي درست ڪرڻ ۾ ڪا  اڳڀرائي نه ٿي سگھي آهي. نھ وري ڪڏھن پنھنجي ڪوتاھين  کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ نھ ئي ان  بابت غور ڪيو ويو ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.

خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ تازا دهشتگرد حملا ملڪ لاءِ هڪ تمام وڏي خطري کي ياد ڪرائين ٿا،جڏھن تھ اھو خطرو ھاڻي سڀ کان وڌيڪ سنگين صورتحال اختيار ڪري   چڪو آهي.ٻنهي صوبن کي پيش سيڪيورٽي خطرا مختلف نوعيت جا آهن، پر ٻنهي جو ميلاپ خطري کي پيچيده بڻائي ٿو. ٻاهرين عنصرن ۽ اندروني عدم استحڪام حڪومت لاءِ چئلينجن کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. هي اهڙي صورتحال آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ رٿابندي جي ضرورت آهي. سڀ کان اهم سبق اهو آهي ته ماڻهن کي مجبور ڪرڻ ۽ انهن کي حقن  ڏيڻ کان انڪار سان حالتون وڌيڪ خراب ٿين ٿيون.

بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڏھاڪن کان وسيع پئماني تي لاڳو ڪيل اسان جي پاليسين جو نتيجو آهي.فوجي ڪارروائي جي صورت ۾ ردعمل ڏيڻ سان سياسي مسئلن گھڻ ئي ماڻھن  عسڪريت پسندي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. هڪ اھڙي صوبائي انتظاميا جيڪا سياسي انجنيئرنگ جو نتيجو آهي ۽ ان کي  سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي مدد مليل آهي، تباهي جي ڪنڌيءَ تي آهي. گھڻا ئي حلقا هن کي صوبي ۾ گھرو ويڙھ جي صورت حال جي طور تي  ڏسن ٿا جتي باغين جو بيانيئو حاوي آهي.ننڍي پئماني تي شروع ٿيل هڪ تڪرار گذريل ٻن ڏهاڪن کان صوبي کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اھو  تيزي سان هڪ مڪمل بغاوت ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جتي مقامي آبادي رياست طرفان نظرانداز ڪرڻ واري احساس ۾ مبتلا آهي. صوبائي انتظاميا جي رٽ گهٽ ٿيڻ تي عليحدگي پسند گروپ صوبي ۾ حملا ڪري رهيا آهن.ٽرين ھاءِ جيڪنگ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، هڪ بس ويجهو هڪ بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار شھيد ۽ زخمي ٿيا. حملن جي تازي لهر ۾اڪثر سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو آھي.اھو  عليحدگي پسندن جي وڌندڙ صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪي هاڻي ھاءِ پروفائل حملا ڪري رهيا آهن. اهي حملا  وڏي پئماني تي تيزي سان پکڙجي رهيا آهن.

هلندڙ سال جنوري ۾ مبينا طور ڳرن ھٿيارن درجن جي حساب سان ويڙھاڪن خضدار ضلعي ۾ هڪ ليويز اسٽيشن تي حملو ڪيو ۽ شهر جي چوڌاري پنھنجون چوڪيون قائم ڪيون. جيتوڻيڪ اهو حملو صرف ڪجهه ڪلاڪن تائين  جاري رهيو، پر ان واقعي شدت پسندن جي "هِٽ اينڊ َرن”  واري حڪمت عملي ذريعي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ واري طريقي ڏانھن اشارو ڪيو. رستن تي رڪاوٽن ۽ ناڪن لڳائڻ جا واقعا پڻ وڌي ويا آهن. گذريل مهيني قلات ضلعي ۾ رات  دير سان باغين جي حملي ۾ 18 فوجي  حياتيءَ وڃائي ويٺا. جيڪو ڪنهن به واقعي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي موت جو سڀ کان وڏو انگ ھو.

2024 ۾  پاڪستان ڏهن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جا  واقعا ٿيا. انهن مان گھڻا باقاعده ٽارگيٽيڊ حملا هئا، پر مبينا طور دھشتگردن جون سيڪيورٽي فورسز سان جھڙپون پڻ ٿيون.جڏهن ته صوبي کي ملڪ جي ٻين حصن سان ڳنڍيندڙ شاھراھ پڻ بند ڪيا ويا. تازي ھڪ غير تصديق ٿيل فوٽيج ۾ هٿياربند  صوبي جي ٻئي وڏي شھر تربت جي رستن تي آزاداڻو گشت ڪري رھيا آهن، سرڪاري اھلڪارن کي به نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته  شورش متاثر ضلعن ۾ مڪمل تباهي جا منظر ھئا.

بلوچ عليحدگي پسند ڌڙن، خاص طور تي بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) جي ُپرتشدد حملن ۾گذريل سال اٽڪل 225 ماڻهو مارجي ويا آهن. گھڻا حملا اهڙن علائقن ۾ ٿيا آهن جيڪو ڊگهي عرصي کان سياسي بي چيني جو مرڪز رهيا آهن. هر دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ فوج هڪ نئون متحرڪ آپريشن شروع ڪئي. سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ سامونڊي پٽي ۽ ايران جي سرحد سان ملندڙ علائقا شامل آهن. هي اهو علائقو آهي جتي چين ترقياتي ڪمن ۾ پاڪستان سان ڀائيواري ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.بلوچستان ۾ مختلف سي پيڪ رٿائن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي حملن ۾ تازو اضافو انتهائي ڳڻتي وارو آهي. ان کان علاوه، عام پاڪستاني شهري، خاص طور تي پنجاب سان تعلق رکندڙن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪجهه حالتن ۾ مسافرن کي مرڪزي   هاءِ وي تي بسن مان لاهي گوليون هڻي ماريو ويو آهي. اهڙن واقعن عليحدگي پسند شدت پسندي کي هڪ خوفناڪ رخ ڏنو آهي.

بلوچستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ناقص سيڪيورٽي مسئلن کي منھن ڏئي رهيو آهي. هي علائقو بي ايل اي سميت ڪيترن ئي هٿياربند گروهن جو مضبوط ڳڙھ  بڻجي چڪو آهي، ۽ اهي تنظيمون بلوچستان کي الڳ ڪرڻ چاهين ٿيون. ويڙهاڪ گروپ، جيڪو 1970 جي ڏهاڪي ۾ ٺهيو هو، اھو اصل ۾ نواب خير بخش مري جي وفادار مري قبيلي جي ماڻهن تي ٻڌل هو. پر بعد ۾ معاملا تبديل ٿي ويا. اڄ، بي ايل اي، پنھنجي تعليم يافتھ .وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ گھڻ ئي  ۾ رڪنن تي فخر ڪري ٿو. وڌندڙ سياسي ۽ معاشي بيچيني  سان پڙھيل لکيل بلوچ ۽ قبائلي  ھڪ صفحي تي اچي ويا آھن.بلوچ  ڳچ  وقت کان مرڪزي حڪومت تي امتيازي سلوڪ جو الزام لڳائيندا رهيا آهن. انهن مان گھڻ ئي ماڻھن جو  خيال آهي ته اهي جمهوري ۽ قانوني طريقن سان پنهنجا حق حاصل نه ڪري سگهندا. جوڙ توڙ جي ذريعي ٿيندڙ سياسي انجنيئرنگ اهڙين غلط فهمين کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.ايتري قدر جو  بلوچ قوم پرست پارٽيون جيڪي وفاقي دائري ۾ رھندي  پنهنجن سياسي ۽ معاشي حقن لاءِ  جي جدوجھد تي يقين رکن ٿيون،ھاڻي  انهن کي به نظرانداز ڪيو ويو آهي.

اھڙي صورتحال ۾ اھا حيران ڪندڙ ڳالھھ نه آهي ته 2024 جي چونڊن کان پوءِ صوبي ۾ شدت پسند  واقعن ۾ تمام گھڻو اضافو ڏٺو ويو آهي،ڇاڪاڻ جو انھن چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي ھئي. اهي عنصر سياسي استحڪام نھ آڻي سگھندا،جن کي ماڻھون پنهنجو نمائندو نٿا سمجهن، صوبي تي عملي طور تي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ حڪمراني ڪري رهي آهي، جنهن ڪري ماڻهن ۽ رياست جي وچ ۾ بي اعتمادي وڌي آهي.جمهوري حقن کان انڪار، رياستي جبر۽ غربت ڪيترن ئي ماڻهن، خاص طور تي پڙهيل لکيل نوجوانن کي، ويڙھ  ڏانهن ڇڪيو آهي. عليحدگي پسند گروپ جن کي مبينا طور ٻين ملڪن جي حمايت پڻ حاصل آهي، هاڻي بهتر منظم ۽ جديد هٿيارن سان ليس آهن، جنهن ڪري اهي اهڙي قسم جا حملا ڪرڻ جي  صلاحيت رکن ٿا.جنھن قسم جي حلن جو اسان تازو ئي مشاھدو ڪيو آھي.عليحدگي پسند گروپن جا پاڪستان جي دشمن ملڪن سان لاڳاپن  پڪا ثبوت ضرور موجود آهن، پر اها اندروني بيچيني آهي جنهن جو فائدو ٻاهريوين طاقتون وٺي رھيون آهن. ڪنهن به پرڏيهي مداخلت کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اسان کي پنهنجي گھر جا  معاملا درست ڪرڻا پوندا.

عليحدگي پسند بغاوت جي مقابلي ڪرڻ جي لاءِ طاقت جي استعمال جي رياستي حق کان ڪو انڪاري نھ آھي. پر سياسي ۽ معاشي بي اعتمادي جي سببن کي بھ ختم ڪرڻ ضرورت آهي جيڪي صوبي ۾ وڌندڙ بغاوت کي جنم ڏئي رھيا آهن. بلوچستان جي ماڻهن کي رياست  جي اهڙي ردعمل  جي ضرورت آهي جنھن سان سندن زخمن تي مرهم رکجي. اختلاف راءِ کي چيڀاٽڻ  لاءِ  انھن مٿان طاقت جي زور ھلائڻ جي ضرورت ناهي. بلوچستان جو مسئلو دائمي آهي جيڪو جابراڻي نظام جو نتيجو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.